هو جو وڃڻا ويراڳي، سي ڪيئن جهلجن
اصغر ميراسي
اڄ جڏھن قلم کڻي سنڌ ڌرتي جي دادلي پٽ محمد مراد چانڊيو جي سالگره جي ڏھاڙي تي مون لکڻ شروع ڪيو ته منهمجي ذھن ۾ سنڌ جي انهن جوڌن پُٽن جو سمورو پسمظر اُترِيِ آيو .
سنڌ ڌرتي زرخيز هُجڻ ڪري سدائين حملي آور لشڪرن جي گهوڙن جي سبن هيٺيان لتاڙبي رهي آھي. پر تاريخ جي اها به حقيقت آھي ته، ان زخمي سنڌ پنهنجي سيند مان رت وهائيندي به زخمي ماء هُجڻ باوجود اهڙن انمول هيرن کي جنم ڏنو آھي، جن ارغون ترخان ۽ مغلن کي تڙي ڌرتي ماءُ جي ڳچي مان غُلامي جا ڳٽ لاٿا آھن. ان سنڌ جي بهادر جوڌن پٽن مان محمد مراد چانڊيو به هڪ هيو.
استاد بخاري جي هن شعر جيئن
آ سهڻو موت ڀلو ڪنهن ڪوجهي جيون کان
هڪ زنده گيت ڀلو سئو مئلن بيتن کان ،
دل عشق اجهل چونڊيو سوداء ڇڏي سارا،
هڪ سورهيه يار ڀلو سئو ڊڄڻن سڄڻن کان.
محمد مراد جنهن وارھ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نهال تنيو ۾ سياسي ورڪر محمد صلاح چانڊيو جي گهر ۾ 6/5/1973 تي جنم ورتو محمد مراد هوش مس سنڀاليو ته ضياءَ مارشلا جو دور هيو سنڌ جي هر شھر، گهٽي، وستي، واهڻ ۾ لانگ بوٽن جا ڪڙڪاٽ هيا. جتي حق جو آواز بلند ڪرڻ وڏو گناھ هيو. ان دور ۾َ محمد مراد پنهنجي چاچي حريف خان چانڊيو جو هٿ پڪڙيان وقت جي انقلاب چونڪ جي سڃاڻپ رکندڙ اڄ جي فاضل راهو چونڪ تي ان ضياء مارشلا جابر جنرل جي خلاف نعرا بلند ڪيا . اهو محمد مراد جنهن سچائي جو دامن پڪڙي اخلاق کي پنهنجو زيور سمجهي نئون سماج اڏڻ لاءِ ان دوستن جي چونڊ ڪئي جيڪي سندس سياست جي ڏکين پيچرن تي ساٿي بڻجي هليا. ان دور ۾ سياست ڪرڻ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته ڪبيرا گناھ هيو. ان دور ۾ محمد مراد چانڊيو عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم سڄاڳ ٻار تحريڪ سان جڙي سياست جي شروعات ڪئي ۽ هن ظلم جبر ڏاڍا خلاف سگهارو آواز بڻجي چونڪن چوراهن تي ضياءَ مارشلا کي للڪاريندو رهيو. ان ئي دور ۾ ڪجھ نسل پرست ماڻھن ”بي ايس او“ جو يونٽ کولي نسل پرستي کي فروخت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد مراد چانڊيو ساٿين سان گڏجي ان گروھ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ چيو ته سر زمين سنڌ محبت پيار پنهنجائپ جي ڌرتي آھي ھتي نسل پرستي جي نالي سياست ڪرڻ هرگز نه ڏينداسين جنهن تي ان گروھ محمد مراد ۽ ان جي ساٿين تي حملو ڪري سندن کي زخمي ڪيو ۽ زخمي حالت ۾ محمد مراد اصول تي بيهي نسل پرست گروھ سان وڙهيو جنهن کان پوءِ ان گروھ کي ” بي ايس او “ جو يونٽ جي جرئتي ئي نه ٿي . اهڙا ئي ماڻھون تاريخ امر ٿين ٿين ٿا .اها هڪ حقيقت آھن ته جن ماڻھن سنڌ ڌرتي ماءِ سمجهي تحفظ ڪيو آھي سنڌ ماءِ به انهن جوڌن پٽن کي مان مرتبو بخشو آھي . ان جو مثال محمد مراد جي وفات آھي ويجهي تاريخ ۾ شايد ٿيو هجي ته محمد مراد جي جنازي ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان پُھتلن سياسي سماجي عالم دانشورن جي اک آلي هئي محلي توڙي شھر جي گهٽين ۾ ٻار سياسي سماجي مذهبي ڌرينبجا اڳواڻ به روئيندي نظر آيا هڪ ٻئي کي اهو چئي سڏڪا پئي ڀريا ته هي عمر محمد مراد جي وڃڻ جي نه هئي. ڇا اهڙو سياسي اڳواڻ وارھ ۾َ ٻيو نوجوان پئيندا ٿيندو جيڪو سڀني کي پيار ڏي عزت ڏي يا گڏ کڻي هلي . هو ته شھر جي مڙني مسئلن تي سڀني کان اڳ ڀرو رهيو. هو ته ڪڏھن به ڪنهن سان منهن ۾ گهنج وجهي نه ڳالهائيندو هيو مراد شھر اندر محبتن جا وڻ پوکيي ۽ پنهنجائپ جي ڇانوَ پيندا ڪئي. اهو ئي سبب آھي ته محمد مراد جڏھن ڪنهن هوٽل يا چونڪ چورهي تي بيهندو هيو ته چاهندڙ سندس وٽ ٽولن جي صورت ۾ پهچي ويندا هئا. ان جو سبب محمد جي سچائي ايمانداري ۽ بردباري جي پوک پوکيل هئي ان ڪري ئي محمد مراد جو وارھ شھر يا آس پاس سميت سموري سنڌ ۾ مان مرتبو هيو ايتري قدر جو محمد مراد کي سموري سنڌ سڃاڻيندي هئي هوائين محمد مراد پاڪستان پپيلزپارٽي شھيد ڀٽو جو تعلقه صدر هيو .
محمد مراد 1993 ۾ ميرمرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان اچڻ بعد پنهنجي چاچي حريف خان چانڊيو سان پ پ شھيد ڀٽو ۾ شموليت اختيار ڪئي . جنهن کان پوءِ ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس اولاد سان ايترو ته پيار ٿي ويس جو مير تي يا ان جي اولاد تي هڪ لفظ به برداش نه ڪندو هيو. جيڪڏھن ڪنهن محفل ۾ سياسي بحث مباحثي ۾ تنقيد ڪندو هيو ته محمد مراد برداش نه ڪندو هيو ايتري قدر جو ڪاوڙجي پوندي هو ڪڏھن ڪڏھن سندن سان چڙي به پوندو هو يا ڪچهري مان اٿي هليو ويندو هو پر محمد مراد ۾ اها به خاصيت هوندي ته جنهن سان مير جي اولاد تي تنقيد ڪرڻ وقت چڙي به پوندو هيو پر وري ڪاوڙ جهڪي ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ئي ان دوست وٽ وڃي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وڃهي ڪچهري ڪندو هيو اها خوبي تمام گهٽ ماڻھن ۾ هوندي آھي ۽ چوندو هيس ته يار مون تي جيتري تنقيد ڪرڻي اٿئي ته ڪر پر منهنجي محبوب قائد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ان جي اولاد تي تنقيد نه ڪيو ڇو ته اهي ھڪ ته سياست نٿا ڪن نئي وري حڪمران رهيا آھن جو ڪنهن جو حق لٽو هجن اها اجائي تنقيد مونکان برداش نٿو ٿئي . آءُ اوهان لاء حاضر آھيان.
محمد مراد جي ڪچهري جو محور شھيد ڀٽو . عوامي حق ۽ سنڌ هوندي هئي جئين چوندا آھن ته مسلمان جي ڪچهري ۾ رسول ڪريم جو ذڪر نه نڪتو ته اها ڪچهري حرام آ ائين ئي محمد مراد جي ڪچهري ۾ مير ۽ سندس اولاد پ پ شهيد ڀٽو ۽ سنڌ جو ذڪر نه نڪتو ته محمد مراد لاءِ اها ڪچهري ڄڻ حرام هوندي هئي . محمد مراد جي زندگي بابت تاثراتن ڪالمن تي مشتمل آدرشي مخلص انسان ڇپيل ڪتاب ۾ محمد مراد جي والد محمد صلاح ذڪر ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن آءُ ۽ حريف خان محمد مراد سان گهر اندر ڪچهري ڪري رهيا هياسين ته مون محمد مراد کي چيو پ پ شھيد ڀٽو ۾ ڇا رکيو آھي . تعلقي صدر هجڻ ناتي ايتري ٿو سرگرمي ڪري روز احتجاج مظاهرا بحث مباحثا پنهنجا تعلقات ٿو خراب ڪري جيڪڏھن ڪو ڪيس وغير داخل ٿي ويئي ته پارٽي وارو پڇڻ به نه ايندئي ببيي فاطمه يا جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو به سياست نه پيا ڪن نه وري دور دور تائين انهن جي سياست ڪرڻ نظر نٿي اچي . حريف خان خاموش ٿي ويٺي ڏٺو ٻڌو . پر محمد مراد چڙي پيو اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس چيائين مونکي نه روڪيو جيڪڏھن مون مان تنگ ٿيا آھيو ته آءُ اوهان جو گهر ڇڏي ويندس پر مير ۽ ان جي اولاد سان بي وفائي نه ڪندس جڏھن اهو لفظ نڪتس ته ساهه جي آخري دم تائين انهن جو آھيان ته آء پنهنجي موڀي پٽ جا اهي لفظ ٻڌي پريشان ٿي ويس خاموشي اختيار ڪري ويس . محمد مراد جو پ پ شھيد ڀٽو سان بي انتهاء پيار هيو هو سچي ورڪر سان گڏ بهادر بردبار اڳواڻ هيو
اها هڪ حقيقت آھي شھيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لا گهڻي ۾ گهڻا احتجاجي ريليون. ڌرڻا مظاهرا وارھ ٿيا آھن ان جو سبب محمد مراد جي محنت هئي
جتي به پ پ شھيد ڀٽو جو پروگرام ٿيندو هيو ته مراد دوست تيار ڪري نڪري پوندو هيو اهو نه سوچيندو هيو ته پئسا آھن يا نه مهينو ڪئين گذريندو اهو نه سوچيندو هيو ته جن به دوستن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو وڃان ته انهن وٽ ڏوڪڙ آھن به يا نه . حصو پتي ڏيندا به يا نه بس اهو چوندو هيو ڪهڙا دوست فلاڻي پروگرام لاء تيار ٿا ٿين پوء دوست نڪري پوندا هيا واپسي ۾ جنهن دوست وٽ جيترا ڏوڪڙ هوندا هيا ڏئي ڇڏيندا هيس جنهن وٽ نه هوندا هئا ته خير آ. چوڻ جو مقصد هو پارٽي سان حد کان وڌيڪ سچو هيو هڪ رات محمد هاشم ڇٽو جي هوٽل تي ويٺا هياسين ته اچانڪ فيس بڪ تي اسٽيٽس اکين اڳيان گذريس چيائين ميڊم غنويٰ ڀٽو ڀائو علي احمد جي پارٽي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آھي ته ان وقت ميڊم جي ان فيصلي تي مونکي ڏک ٿيو ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو پر محمد مراد چيو خير آھي مايوس نه ٿيو اسان ڪهڙو پارٽي ۾ اقتدار لاء ڪم پيا ڪيون اسين محبت ۾ پيا هلون خير آهي محترم پارٽي مان ڪڍندي مير ۽ ان جي اولاد جي اسان جي دل مان محبت ته نٿي ڪڍي سگهي. محترم غنويٰ ڀٽو 70 ڪلفٽن تان 32 ڪارڪنن جي ميمبر شپ خارج ڪرڻ جي هڪ لسٽ تيار ڪئي جيڪا لسٽ نڪرڻ کان اڳ ظاهر ٿي وئي ان ڏينهن تي ببيي فاطم ڀٽو لاڙڪاڻه المرتضيٰ هائوس آيل هئي ڪارڪنن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري هيو جڏھن اسان محمد مراد سان گڏ ببيي سان ملاقات ڪئي ته محمد مراد تعارف ڪرائيندي ببيي کي چيو ته ميڊم غنويٰ ڀٽو هڪ لسٽ پئي جاري ڪري جنهن لسٽ ۾ منھنجو نالو شامل آهي محمد مراد جا اهي لفظ ببيي ٻڌندي چيو اوهان منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ شامل آھيو اهڙا لفظ ٻُڌي محمد مراد گلاب جي گل جيان ٻھڪي پيو ملاقات بعد مسڪرائيندي خوش ٿيندي چيو بس منهنجي لاء هي ڪافي آھي جو مير جي نياڻي مونکي چوي منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ آھيو
مراد نه وڪيو نه جهڪيو ڀٽائي جي هن شعر وانگر ته
اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪان ڪُريت
پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان
مير ۽ سندس اولاد سان بي انتهاء پيار ڪندڙ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جو ڏنل پيار محبت سندس جي ڪيل اڳواڻي اڄ به ياد آھي رهندي ڇو ته هن اهڙو پيار ڏنو ۽ زندگي گذارڻ جو ڏانُ سيکاريو جيڪو نٿو وسري سگهي محمد مراد جنهن سان به هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندو هيو اهو سندس جو مريد بڻجي ويندو ھيو محمد مراد به سندس سان ساٿ نڀائڻ جو وچن ورجائيندو هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا فون تي سندس سان رابطو ضرور ڪندو هيو اهڙي پيار ڏيڻ عيوض اڄ به دوست پارٽي ڪارڪن سندس جون سارون ساري اکين ۾ آب آڻي رهيا آھن اڄ محمد مراد جي جنم ڏھاڙو آھي خوشي سان گڏ اهو دلي ڏک آ ته هي عمر محمد مراد جي وڇڙڻ جي نه هئي
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا
ڪڏھن منجھ ڪوٽن ڪڏھن راهي رڻ جا
چار ڏينهن اڳ المرتضيٰ هائوس ۾ ببيي فاطمه ڀٽو کي شادي مبارڪ ڏيڻ بعد محمد مراد جي زندگي بابت ” آدرشي مخلص انسان “ ڪتاب ڏنو ۽ جڏھن ببيي کي اهو چيو ته هي ان شخص جي زندگي بابت ڪتاب اوهان کي تحفي طور ڏيان پيو جنهن کي اوهان چيو هيو ته محمد مراد اوهان منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ آھيو اهي لفظ ببيي ٻڌي چيو اڇا محمد مراد هن دنيا ۾ ناهي رهيو .
اڄ نه اوطاقن ۾طالب تنوارين آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين جيڪي جيءَ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا
سندس لاء نيڪ خواهشيون الله پاڪ سندس کي جنت الفردوس عطا ڪندو اڇي پني تي نوٽ لکي ڏنو.
مونکي يقين آھي جيڪڏھن محمد مراد اڄ زنده هجي ها ۽ بيبي فاطمه جي شادي جي خبر پوندي شھر اندر دهل شرنائين تي پاڻ به رقص ڪري ها پنهنجي سنگت کي ان خوشي ۾ شامل ڪري ها دنيا کي ڏيکاري ها ته اسين اڄ ڪيڏا خوش آھيون . پر بدقسمتي سان هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو .
اڄ محمد مراد جي 50هين سالگره آھي سندس کي ڪيل سياسي جدوجهد تي سلام پيش ڪريان ٿو
********
مَي 6, 2023