وزيراعظم شهباز شريف  جو ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا جي سمگلرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا جي سمگلرن خلاف لاڳاپيل اختيارين کي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سمگلنگ جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته ان وقت تائين آرام سان نه ويهنداسين، جيستائين ملڪ کي سمگلنگ جي لعنت مان ڇوٽڪارو نٿو ملي. سندس چوڻ هو ته ان سان پاڪستان جي پرڏيهي پهچ تي اثر پئجي رهيو آهي ۽ عوام جو حق غصب ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي عوام جي حق تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پنهنجي ماتحت هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽيبه جوڙي ڇڏي، هن گهرو وزير راڻا ثناالله کي هدايت ڪئي ته صوبائي اختيارين سان ملاقاتون ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ سمگلنگ ۾ ملوث يا غفلت ڪندڙ اهلڪارن کي هٽايو وڃي ۽ انهن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن سمگل ٿيندڙ سامان ضبط ڪرڻ ۽ اصل ڏوهارين جو پتو لڳائڻ لاءِ مناسب جاچ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

مَي 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو