جنهن نواز شريف کي چور چيو ان جو پنهنجو پُٽ چور نڪتو: مريم نواز

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته جنهن نواز شريف کي چور چيو ان جو پنهنجو پُٽ به چور نڪتو، ثاقب نثار اڄ به عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي. لاهور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته وزيراعظم ڏکين حالتن باوجود گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار مقرر ڪئي، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رُپيا هئڻ گهرجي. خطاب دوران پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مريم نواز چيو ته 2017ع تائين پاڪستان ڪامياب ترين معيشتن ۾ شامل هو، فتنو اڄ مزدورن  جي نالي تي ريليون ڪڍي رهيو آهي، تون(عمران  خان) سازشن ذريعي اقتدار جو رستو ٺاهڻ بند ڪري ته پورهيتن جون حالتون سڌري وينديون. مريم نواز مخالفتن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ڀلي اِهو ثاقب نثار هجي يا فيض حميد، سڀ ان گينگ جو حصو هئا، جسٽس کوسا چيو ته مون ڏانهن اچو مان نواز شريف کي رستي تان هٽايان ٿو، هو چاهين ٿا ته تڪڙيون چونڊيون ٿين ٻي صورت ۾ کين چونڊون کٽرائڻ وارو ڪير به نه هوندو. ھن چيو ته عمران خان پاڻ چيو ته جنرل باجوا جي چوڻ تي اسمبليون ٽوڙيو، ثاقب نثار اڄ به عمران خان کي آڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي، ثاقب نثار جو پٽ هڪ ڪروڙ ويهه لک رُپيا رشوت وٺندي پڪڙيوويو. هن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار مخاطب ڪندي سوال اُٿاريو ته ثاقب نثار ٻڌائي ته هڪ ٽڪيٽ جا هڪ ڪروڙ ويهه لک ورتا ويا، پاناما جا ڪيترا ورتا هئا؟ .ن ليگ جي چيف آرگنائز جو چوڻ هو ته عمران خان روز ڪاري بالٽي پائي نڪري ٿو، سياسي ڪارڪن طور شرم اچي ٿي ته ليڊر هميشه سينو کولي ڪري پيش ٿيندا آهن، هو چوي ٿو ته اسمبليون بحال ڪيون وڃن، ڇا هي سندس پيءُ جو مُلڪ آهي؟. هن وڌيڪ چيو ته جنهن نواز شريف کي چور چور چيو ان جو پنهنجو پُٽ به چور نڪتو، پارليامينٽ پنهنجو فيصلو مڃرائي ڏيکاريندي، فيصلو مڃڻو پوندو، جيڪڏهن مُلڪ جون آئين سُپريم آهي ته پارليامينٽ به سُپريم آهي.

مَي 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو