وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدات هيٺ سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي 2 ڪروڙ 75 لک ميٽرڪ ٽن رڪارڊ پيداوار تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل نااهل حڪومت جي بدانتظامي سبب پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته رب پاڪ جي فضل ڪرم سان هن سال ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي نسبت وڌيڪ پيداوار ٿي. حڪومت طرفان هارين کي معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي جي بدولت شاندار پيداوار جو حصول ممڪن ٿيو. ايندڙ سال حڪومت هن کان به وڌيڪ پيداوار لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ باوجود ڪڻڪ جي بمبر ڪراپ بهترين گورنمنٽس جو ثبوت آهي. مالي پريشانين جي باوجود ڪڻڪ جي بهتر پيداوار تي هاري ۽ سموري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت هارين کي ڀاڻ ڏيڻ لاءِ ڊگهين قطارن ۾ بيهاريو. صوبائي ۽ وفاقي کاتي سڌو سنئون هارين کان ڪڻڪ خرريد ڪئي ته جيئن هارين کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي. سمورن آفيسرن ڪڻڪ جي وقت تي خريداري يقيني بنائي.
مَي 1, 2023