پاڪستان ڇڏي وڃڻ جو سوچي رهي آهيان: اداڪارا ايمان علي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي چيو آهي ته مارننگ شو جي هوسٽنگ نٿي ڪرڻ چاهيان، فالتو ماڻهن جي تعريف نٿي ڪري سگھان، مارننگ شو ۾ فالتو ماڻهن جي تعريف ڪرڻي پوندي آهي. خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جو مزاحيا انداز ۾ جواب ڏيندي اداڪارا ايمان علي چيو ته آئون ماضي ۾ شيف بڻجڻ چاهيان پئي ۽ مون کي کاڌو پچائڻ جو گھڻو شوق آهي، آئون نوان کاڌا تيار ڪندي آهيان، آئون 11 سالن جي عمر ۾ پهرين ڊش بلوچي ڪڙهائي ٺاهي هئي، جيڪا مونکي بابا ٺاهڻ سيکاري هئي. ميزبان جي هڪ سوال تي اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون پاڪستان ڇڏي وڃڻ جو سوچي رهي آهيان، منهنجو مڙس ڪينيڊين آهي، جتي اهو اُتي مان. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته سوشل ميڊيا کان ان ڪري چِڙ آهي ڇو جو اُتي ماڻهو بدتميزي ڪندا آهن، ۽ پنهنجون تصويرون به پاڻ کي ڪڍڻيون پونديون آهن، ۽ اهڙيءَ طرح اسٽار واري فيلنگ به ناهي ايندي، گھٽ ۾ گھٽ ڪو ڪيمرا کڻي پٺيان ته اچي. ايمان علي جو چوڻ هو ته منهنجي انٽرويو جون فضول ڳالهيون وائرل ٿي وينديون آهن ۽ اهم ڳالهيون رهجي وينديون آهن.

اپريل 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو