جان ابراهم جي ”ڌوم 4“ ۾ زبردست ايڪشن سان واپسي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ايڪشن هيرو جان ابراهم ڀارت جي مشهور ٿرلر سيريز ”ڌوم“ جي نئين پارٽ جو حصو هوندو. ”ڌوم 4“ جو اڃا تائين باضابطا اعلان ناهي ٿيو پر بالي ۾ اهي اطلاع سامهون اچي رهيا آهن ته فرنچائز پٺاڻ جي ڪاميابي کان پوءِ جان ابراهم کي ٻيهر لانچ ڪرڻ جو سوچي رهي آهي.ڀارتي ميڊيا پنهنجي ذريعن سان دعويٰ ڪئي آهي ته فلم ”پٺان“ ۾ جان ابراهم جي ولن جي ڪردار کي ماڻهن گھڻو پسند ڪيو آهي ۽ يش راج فلمز جيڪڏهن اداڪار کي ”ڌوم 4“ ۾ ٻيهر ناڪاري ڪردار ۾ سامهون آڻين ته اهو سرپرائيز نه هجڻ گھرجي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جان ابراهم گھڻن ڏينهن کان يش راج سان ميٽنگز ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ڪيترائي ڀيرا اُتي ڏٺو ويو آهي.

”ڌوم 1“ جي آخر ۾ ان ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي وئي هئي ته جان جو ڪردار مري وڃي ٿو يا ڀڄي وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه کي هاڻ نئين پارٽ ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. فرنچائز جي شروعات 2004ع کان ٿي هئي ۽ پهرين پارٽ ۾ جان ابراهم، اڀيشيڪ بچن ۽ اُدي چوپڙا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

اپريل 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو