پاڪستان آرمي ڪنھن بھ عددي اڪثريت جي رعب ۾ اچڻ واري ناھي: آرمي چيف

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)  آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عوام ۽ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. سڀني کان اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ پاڪ فوج کي سونپيل آئيني ڪردار سان وابستگي آهي. اسان جي لاءِ عوام جي حفاظت ۽ سلامتي کان وڌيڪ مقدس ڪابه شيءَ اهم نه آهي. پاڪ فوج جي ٻطرفي رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو ويندو. آرمي چيف عاصم منير ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪيڊٽس جي 147هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته  رياست جو محور پاڪستان جو عوام آهي.  اسان جي پهرين ۽ اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ هٿياربند فوجين جي آئين سان وابستگي آهي. ڪوبه فرض ملڪ جي تحفظ کان وڌيڪ اهم نه آهي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان پاڙيسرين سميت سمورن ملڪن سان امن ۽ دوستاتاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا. اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪنهن جي به عددي اڪثريت جي رعب ۾ اچڻ واريون نه آهن. اسان کي پنهنجن ظاهر ۽ لڪيل دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو. ڪشميرين جي حق خود اراديت واري جاکوڙ جي حمايت جاري رهندي. آرمي چيف جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي سلامتي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي لاءِ  انهن جي تاريخي جدوجهد ۽ حق خود اراديت جي لاءِ انهن سان گڏ هميشه لاءِ بيهڻو پوندو.

اپريل 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو