اسان جا اڳواڻ گرفتاريون پيش ڪندا ھئا پرويز الاھي وانگر ڀڄي نھ ويندا ھئا: شرجيل ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جڏهن توهان جي حڪومت ۾ پوليس ايندي هئي ته اسان جا اڳواڻ همٿ سان گرفتاريون پيش ڪندا هئا. تو ۽ پرويز الاهي  جنھن کي تو پنجاب جو  نمبر ون ڌاڙيل جو لقب ڏنو ھو ، وانگر بزدل ٿي نه ڀڄي ڪونہ ويندا هئا، مني لانڊرنگ جو ڊڪليئرڊ شهنشاھ ته عمران خان تون پاڻ  آهين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تنهنجي چهري تان شرافت ۽ ايمانداري جو نقاب هٽائي ڇڏيو آهي، صوبائي وزير چيو ته تو گوگي ۽ عثمان بوزدار ذريعي بني گالا ۾ اربين رپيا گڏ ڪيا .  ان تاريخي ڪرپشن جو حساب  اوهان جهڙن ڌاڙيلن کي تہ ڏيڻو پوندو.

اپريل 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو