مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائيون ٽئين ڏينهن به جاري
ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام جي ھدايتن تي جي عيد الفطر جي موقعي ٽرانسپورٽرن پاران مسافرن کان مقرر ڀاڙي کان وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ڪارروائيون ٽئين ڏينهن به جاري رھيون. ٽرانسپورٽکاتي واري سيڪريٽري عبدالحليم شيخ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مسافرن کان ناجائز ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي سنڌ مان شڪايتون ملي رهيون آهن، مهم تيز ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن لاءِ ٽرانسپورٽ کاتي جون الڳ الڳ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي صبح ۽ رات جي شفٽن ۾ ڪارروائين ۾ مصروف آهن. ڪراچي ۾ گذريل رات ۽ اڄ سڄي ڏينهن ۾ 289 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي ۽ مسافرن کي 5 لک 51 هزار رپيا واپس ڪيا ويا.ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڄامشورو موٽر وي پوليس سان گڏجي انڊس هاءِ وي تي ڪارروائي ڪندي 2 ڪوچن جا دستاويز ضبط ڪري ڇڏيا ۽ ڪوچن جا روٽ پرمٽ به رد ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ڄامشورو ۾ مسافرن کي ڪل 267000 رپيا واپس ڪيا ويا. شهيد بينظير آباد ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي عملدارن موٽر وي پوليس سان گڏجي 30 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي. مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ تي 09 گاڏين جا چالان ڪيا ۽ ٽرانسپورٽرن تي 8 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. شهيد بي نظير آباد ۾ مسافرن کي 10,000 رپيا واپس ڪيا ويا.
اپريل 21, 2023