سپريم ڪورٽ جو حڪم، حڪومتي نمائندن جو پي ٽي آءِ سان باضابطا ڳالهين لاءِ رابطو

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) سياسي جماعتن وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي حڪومت جي نامزد ڪيل نمائندن تحريڪ انصاف سان باضابطا طور ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت طرفان نامزد ڪيل نمائندن سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻين اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان جا باضابطا ڳالهين لاءِ رابطو ڪري رهيا آهيون. اسد قيصر  حڪومتي نمائندن جي رابطي بابت اڳڀرائي کان پارٽي سيڪريٽري اسد عمر کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ان  حوالي سان اسد عمر چيو ته رابطو سٺي ڳالهه آهي، حڪومتي نمائندا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ان اڳڀرائي کان آگاهه ڪن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي نمائندن جي ملاقات ڪڏهن ٿي، ان سلسلي ۾ اڃا تائين حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي، حڪومتي اتحاد اڃا تائين پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات لاءِ ڏينهن ۽ وقت طئي ناهي ڪيو.

اپريل 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو