سي او او واٽر بورڊ جي صدارت ۾ اعلى سطحي اجلاس، اداري جي روينيو کي وڌائڻ لاءِ فيصلا

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر ) واٽر بورڊ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ اداري جي روينيو کي وڌائڻو پوندو، ان حوالي سان ڪچي آبادين کي بہ ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻو پوندو، جن يونين ڪائونسلن، علائقن، ڪچيآبادين، پلازا يا دڪان جتان واٽر بورڊ جي وصولي نہ ٿي رهي آهي اتي واٽر بورڊ جون خدمتون معطل ڪندي انهن جي ڪنيڪشن کي ختم ڪيو وڃي ۽ بروقت بل ۽ بقايائون ادا نہ ڪرڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اهڙيون هدايتون سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ريڪوري روينيو جنريشن آر آر جي کاتي واٽر بورڊ جي اعليٰ سطحي اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي ڏنيون، ان موقعي تي ڊي ايم ڊي آر آر جي محمد ثاقب، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميٽر ڊويزن نديم احمد ڪرماڻي سميت سمورا ٽيڪس ڊائريڪٽرز، ڊپٽي ڊائريڪٽرز موجود هئا، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ اسان پاڻي کي ريگيولائيز ڪرڻ چاهيون ٿا ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ پاران مؤثر قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو تہ ڪچين آبادين کي بہ ٽيڪس نيٽ تي آڻڻو پوندو ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ سميت اداري جي ملازمن جي بهتري ۽ سندن ڀلائي خاطر واٽر بورڊ جي آمدني ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو، سي اي او واٽر بورڊ سمورن ٽيڪس ڊائريڪٽرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ واٽر بورڊ جا بل ۽ بقايائون ادا نہ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي واٽر بورڊ جون خدمتون معطل ڪري انهن جا ڪنيڪشنز فوري طور تي ڪٽيا وڃن، اجلاس جي موقعي تي آر آر جي ڊپارٽمنٽ جي ٽيڪس ڊائريڪٽرن پاران کين درپيش مختلف معاملن کان آگاھ ڪرڻ تي سي اي او واٽر بورڊ پاران انهن جا سمورا جائز مسئلا جلد حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو.

اپريل 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو