سنڌ سرڪار بچت بازارن ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪري رهي آهي: ناصر شاهه
ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ترقياتي منصوبن ۽ بچت بازارن ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪري رهي آهي، عوام کي هر ممڪن رليف جي فراهمي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي. هڪ بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته اربين رپين جا جاري ترقياتي منصوبا عوام کي رليف جو وڏو ذريعو آهن، روڊن، پلن، انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوور جي مڪمل ٿيڻ سان ماڻهن کي سفري سهولتن لاءِ سڪون جو سبب ٿينديون. سندس چوڻ هو ته سڄي شهر ۾ ننڍن وڏن روڊن جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري آهي، عوام کي رليف ڏيڻ وارا سمورا قدم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي هدايتن تي کنيا پيا وڃن. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته بچت بازارن ذريعي سستيون شيون عوام کي فراهم ڪرڻ به پ پ چيئرمين جي هدايتن موجب آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ناجائز منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙ ۽ ناجائز منافعي خور معاشري جو ناسور آهن، عوام کي لٽيندڙن کي سزائون، ڏنڊ ۽ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.
اپريل 17, 2023