ستيه پال ملڪ جي پلواما حملي واري بيان پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي: پرڏيھي ترجمان
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پلواما حملي بابت والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر جا انڪشاف پاڪستاني موقف جي حمايت ڪن ٿا. والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيه پال ملڪ جي بيان تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ستيه پال ملڪ جي پلواما حملي واري بيان پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي، پلواما حملي بابت تازا ترين انڪشاف پاڪستاني موقف جي حمايت ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ڀارت، پاڪستان تي دهشتگردي جي الزام ذريعي پنهنجي شرمناڪ بيانيي ۽ سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏيندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته اميد آهي ته عالمي برادري تازن انڪشافن ۽ پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ فريب تي ٻڌل ڀارتي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس وٺندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته تازن انڪشافن ۾ اُٿاريل سوالن جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڀارت کي پلواما حملي کانپوءِ علائقائي امن متاثر ڪرڻ وارن قدمن لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي، پاڪستان، ڀارت جي ڪوڙي ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانيي خلاف مضبوطي ۽ ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمير جي اڳوني گورنر ستيه پال ملڪ انڪشاف ڪيا هئا ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پلواما حملي جي اڳواٽ ڄاڻ هئي، هن ڄاڻي واڻي ڀارتي فوجين کي مرڻ ڏنو.
اپريل 17, 2023