ڪراچي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم تيزي سان جاري آهي: ناصر شاهه

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي پي ٽي فلائي اوور جي مرمت جو ڪم جلد شروع ڪري عيد کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي نه رڳو رليف ملي سگهي پر فلائي اوور بابت شهرين کي پيدا ٿيندڙ غلط فهمي جو پڻ ازالو ٿي سگهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن ڪي پي ٽي فلائي اوور جو دورو ڪندي چئي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير سان گڏ سيڪريٽري بلديات انجنيئر سيد نجم شاهه، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي سيد شجاعت حسين، ڪي ايم سي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر (ميگا) شبيه الحسين، چيف انجنيئر عشرت رحمان ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته هي هڪ اهم فلائي اوور آهي ۽ ان تي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي آهي ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا لاءِ آمد و رفت جو پڻ وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته فلائي اوور جو انفرااسٽرڪچر مضبوط آهي ۽ ان کي ڪو به خطرو ناهي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير بريفنگ ڏيندي چيو ته هي فلائي اوور 08-2007ع ۾ ڪي ايم سي حوالي ڪيو ويو هو. گذريل پندرهن سالن کان هن فلائي اوور جي مرمت جو ڪم نه ٿي سگهيو هو، هاڻي اقرا يونيورسٽي وٽان ايندڙ ريمپ اپروچ سليب دٻجي وئي آهي جنهن سبب ايڪسپينشن جوائنٽ متاثر ۽ بيريئر خراب ٿي ويا آهن. هن چيو ته عيد کانپوءِ جلد اپروچ سليب جي مرمت ڪئي ويندي ۽ نئون ايڪسپينشن جوائنٽ لڳايو ويندو ۽ بيريئر جي مرمت ڪئي ويندي. کين ٻڌايو ويو ته فلائي اوور تي گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي ۽ اسٽرڪچر کي ڪوبه خطرو ناهي. هن چيو ته فلائي اوور جي مرمت بابت جيڪو ڪم ڪيو ويندو اهو معمول جو حصو آهي ۽ ان جو اسٽرڪچر سان ڪوبه تعلق ناهي. بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪي پي ٽي فلائي اوور جي مرمت ترجيحي بنيادن تي ڪئي وڃي ته جيئن عوام جي ذهنن ۾ موجود خدشا ختم ٿي سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ پلن ۽ فلائي اوور جي مرمت سان گڏ نوان پل ۽ فلائي اوور به تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته ٽريفڪ جي روانگي لاءِ جتي به ضرورت پوندي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته تازو ئي سنڌ حڪومت گلستان جوهر ۾ فلائي اوور تعمير ڪيو آهي جنهن سان اتان جي رهواسين کي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي ان حوالي سان سهولتن جي ضرورت آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي ۽ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ترقياتي ڪمن کي اوليت ڏين ۽ هلندڙ ترقياتي ڪم هن سال مڪمل ڪن. هن چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام تحت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي.

اپريل 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو