روينيو اوڳاڙي کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن:مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ ادارن- سنڌ روينيو بورڊ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ان ڳالهه جو جائزو ورتو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي آئي آهي پر سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ جا پابند آهن. سنڌ جي وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف مهم شروع ڪري کين اوپن ليٽر گاڏين جي منتقلي کان روڪيو وڃي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير جو زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب، صوبائي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش چاولا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ، سيڪريٽري ناڻو ساجد جمال ابڙو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم الله شيخ، سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف رحمان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ريونيو بورڊ: سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) کي 180 ارب رپيا اوڳاڙي جو هدف ڏنو ويو هو ان جي برعڪس هلندڙ مالي سال 23-2022 جي 8 مهينن ۾ 128.2066 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن ان مطابق روينيو جي رقم ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايس آر بي پنهنجو هدف آسانيءَ سان حاصل ڪري وٺندو. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتو: ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس کاتي کي 127200 ملين رپين جو ٽارگيٽ ڏنو ويو هو جنهن مان گذريل 8 مهينن ۾ 63331 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. هن مالي سال جي آخر تائين هدف کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. مڪيش چاولا چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي صوبائي ايڪسائيز، موٽر وهيڪل ٽيڪس، ڪپهه جي فيس، انفراسٽرڪچر سيس، تفريحي ٽيڪس ۽ مختلف فيسون گڏ ڪيون. هن چيو ته اسان پراپرٽي ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس گڏ ڪندا هئاسين جيڪو مڪاني ادارن کي منتقل ڪيو ويو آهي، ان وقت به پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي 80 لک رپيا ۽ پروفيشنل ٽيڪس 464 ملين رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته 12000 ملين رپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ صوبائي ايڪسائيز 4250 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن. ايڪسائيز واري وزير چيو ته سندس کاتي موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 14000 ملين رپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ 6996 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. ساڳي ريت 100,800 ملين جي انفراسٽرڪچر سيس جي هدف جي ڀيٽ ۾ 51,601 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 80 لک رپيا تفريحي ٽيڪس ۽ 10 لک رپيا مختلف قسمن جي فيس پڻ اوڳاڙي وئي آهي. بي او آر: وزير روينيو مخدوم محبوب سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بورڊ آف روينيو (بي او آر) کي 36 ارب رپين جو هدف ڏنو ويو هو جنهن جي ڀيٽ ۾ 10 ارب رپيا (9961 ملين رپيا) گڏ ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب بحالي جو عمل متاثر ٿيو آهي. مخدوم محبوب چيو ته صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي مختلف رعايتون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مالي بحران سبب رئيل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ زوال جو رجحان آيو آهي جنهن سبب جائيدادن جي منتقلي ۽ رجسٽريشن جي ڪيسن جو تناسب تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته سندس روينيو اوڳاڙي کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.
اپريل 14, 2023