پنهنجي اداري طرفان چوان ٿو ته اسان آئين سان گڏ بيٺا آهيون: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته منهنجي موجودگي ۾ جيڪي سياسي ڳالهيون ٿيون ان سان متفق نه آهيان. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قومي آئيني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي اداري طرفان چوڻ چاهيان ٿو ته مون 2 ڀيرا حلف کنيو آهي، اسان آئين سان گڏ بيٺل آهيون، الله کان پوءِ ان ڪتاب جي ڇانو اسان جي مٿان آهي، قانوني طريقي سان به ڏسندو آهيان ۽ سياسي حوالي سان به ڏسان ٿو. سياست اوهان جو ڪم آهي منهنجو نه مان شين کي قانوني نظر سان ڏسندو آهيان. پارليامينٽ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 2014 ۾ هن عمارت جو پاڙيسري آهيان پنڌ ويندو آهيان، پنڌ ايندو آهيان، هميشه سوچيو ته اندر ڇا ٿيندو آهي.  هن چيو ته اسان پاڪستان جي آئين سان گڏ بيٺل آهيون. اسان جو ڪم قانون موجب فيصلو ڪرڻ، اوهان جو ڪم عوام جي مفاد ۾ قانونسازي ڪرڻ آهي. اسان کي پاڪستان جي آئين جي اهميت کي ڏسندي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. اسان جو ڪم آهي ته آئين ۽ قانون موجب جلد فيصلا ڪريون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان ڪڏهن ڪڏهن دشمنن سان ايتري نفرت ناهيون ڪندا جيتري پاڻ ۾ ڪندا آهيون، پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين کي سمجهي اڳيان وڌڻ گهرجي. جسٽس فائز چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي ۾ شرڪت لاءِ حاضر ٿيو آهيان، ٻيا جج صاحب ان لاءِ نه اچي سگهيا ته شايد هو مصروف هئا، مون اچڻ کان اڳ پڇيو هو ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون، مون کي ٻڌايو ويو ته آئين جون ڳالهيون ٿينديون، منهنجي موجودگي ۾ جيڪي سياسي ڳالهيون ٿيون ان سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي. جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اڄ هتي ويٺل ماڻهن خلاف فيصلو اچي وڃي ته اوهان چوندو ته اسان اوهان کي گهرايو هو پر ان باوجود اوهان اسان جي خلاف فيصلو ڏنو، شايد منهنجي خلاف تنقيد به ڪئي وڃي. اسان دستور سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ان موجب ڪم ڪنداسين.

اپريل 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو