صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ اسان جو منشور آهي: بلاول ڀٽو زرداري
ڪراچي (رپورٽر)پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو صحت جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو آهي ته صحت جون سهولتون عوام جي دلين تائين پهچائڻ پيپلز پارٽي جو منشور آهي سنڌ حڪومت پاران عالمي معيار جي صحت جي ادارن جو قيام ٻين حڪومتن لاءِ روشن مثال آهي عوام جي صحت هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ اسپتالون ۽ صحت مرڪز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قائم ٿيا شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران ليڊي هيلٿ رضاڪارن جو قدم انقلابي پيش رفت آهي ايل ايڇ وي نيٽ ورڪ اڄ اسان جي پبلڪ هيلٿ سسٽم جو ريڙهه آهي ٻارن کي معذور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پوليو خلاف مهم شروع ڪرڻ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو تحفو آهي صدر آصف علي زرداري جي دور حڪومت ۾ بي آءِ ايس پي جي ڇنڊ ڇاڻ هيٺ ”وسيله صحت“ متعارف ڪرايو ويو اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، جي پي ايم سي، سائبر نائف ٽيڪنالاجي پيپلز پارٽيءَ جا تحفا آهن 2008ع کانپوءِ عوامي حڪومت سڄي سنڌ ۾ 500 کان وڌيڪ ننڍا وڏا صحت مرڪز ۽ اسپتالون ٺاهيا آهن ZABICVD 1200 بسترن تي مشتمل دنيا جي سڀ کان وڏي مفت ڪارڊيالوجي اسپتال اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي اسان جو نعرو آهي ته پئسن جي کوٽ ڪنهن پاڪستاني جي علاج ۾ رڪاوٽ نه بڻجندي ملڪ جي آبادي جو وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي اڳوڻن سليڪٽڊ راج سبب عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي اهڙين حالتن ۾ رياست عوام جي صحت جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان غافل نه ٿي سگهي ايندڙ چونڊن کانپوءِ عوام پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو ته سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جو صحت جو بنيادي ڍانچو ٺاهينداسين اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي ۽ گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلايو ويندو ته جيئن عوام کي باوقار انداز ۾ عالمي معيار جو مفت علاج ملي سگهي صحت جي عالمي ڏهاڙي تي صحت جي عالمي اداري جي موضوع ”صحت سڀني لاءِ“ جي توثيق ڪريان ٿو ”صحت سڀني لاءِ“ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور به آهي ڪورونا وائرس جي وبا دوران خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻين عملي کي سلام آهي ڪورونا وائرس جي وبا دوران جانيون قربان ڪندڙ طبي عملي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو
اپريل 8, 2023