اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ جو فيصلو قبول هوندو: شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو فيصلو اسان کي قبول هوندو، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لائرز ڪمپليڪس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ انصار واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ بين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ويو، اسان اپيل داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آهي، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز ان ڪيس کان جدا ٿيا هئا انهن کي هٽائي فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي قبول هوندو. هن چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکي خوشي ٿي، لائرز ڪمپليڪس جي تعمير تي 1.8 ارب رپيا لاڳت ايندي، لائرز ڪمپليڪس ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير پڻ شامل ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو.

اپريل 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو