اسان نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي: بلاول ڀٽو

Spread the love

گمبٽ/خيرپور (نمائندن وٽان+ م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ يونٽ ۽ ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي اينڊ ميڊيسن يونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ ۾ نئين منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت عالمي معيار جو ميڊيڪل انفراسٽرڪچر ٺاهيو آهي، جيڪو ٻين صوبن کان ڪافي اڳتي آهي. هن چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ صوبائي نه پر حقيقي طور تي هڪ قومي ادارو آهي، جتي ٻين صوبن کان علاوه آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به مريض علاج لاءِ اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار ايترو ته تباهه ڪيو ويو آهي جو عوام گمبٽ جهڙن ادارن جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي ڀروسو نٿو ڪري. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن سياسي پارٽين کي اسپيس ڏني وڃي ها ۽ نفرت، ورهاڱي ۽ گار گند جي سياست بدران ڊليوري، نظريي ۽ منشور جي سياست تي مقابلو ڪيو وڃي ها ته اهو ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند ٿئي ها. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته طاقتور طبقي هتي جي هر نسل سان کيڏيو آهي. هن تاريخي حوالا ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي عالمي طاقت بڻائڻ وڃي رهيو هو ۽ سندس دور ۾ دنيا جي اڳيان هڪ اهڙو پاڪستان هو جيڪو وڏين طاقتن وچ ۾ صلح ڪرائيندو هو. هن چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته دنيا جا وزيراعظم ۽ صدر پاڪستان جي وزيراعظم جي پٺيان ڊوڙندا هئا. هن چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي قيادت ڪري رهي هئي ته هيلري ڪلنٽن جهڙيون شخصيتون به سندس دستخط وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺيون انتظار ڪنديون هيون. پ پ چيئرمين چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو طاقتور ترين سول صدر هو. پر هن پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا.  اڄ ڏسون ٿا ته چيف جسٽس پنهنجا اختيار پنهنجي ڀاءُ ججن سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جيڪا پاڪستان جي معيشت جو سنگ ميل آهي، صدر آصف علي زرداري رکيو. تاريخي پس منظر پيش ڪرڻ بعد پ پ چيئرمين سوال ڪيو ته ان سموري خدمتن جي جواب ۾ کيس ڇا ڏنو ويو؟ ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن ئي عدالتن قائد عوام کي موت جي سزا ڏني ۽ اڄ تائين ڪنهن به جج کي شرم ناهي آيو ته قائد عوام سان انصاف ڪري. سڄي پاڪستان کي ليڪچر ڏين ٿا ته ڪرپٽ ڪير آهي ۽ سسلين مافيا ڪير آهي. هتي اسان جي لاڙڪاڻي ۾ اچي جج کي چماٽ وهائيندا آهن. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مان پاڻ به انهن ئي عدالتن ۾ ويو آهيان ۽ درخواست ڏني هئي ته مان قائد عوام جو ڏهٽو آهيان. مان توهان جي سامهون صدارتي ريفرنس جو حصو ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ توهان ڪيس ٻڌو. اڄ تائين ڪنهن به جج شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪيس ناهي ٻڌو. پرڏيهي وزير نشاندهي ڪئي ته جڏهن موجوده چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ته هن ننڍن صوبن جي حقن کي نظرانداز ڪندي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ٿي وئي. پر آمرن سان گڏجي ملڪ تي حڪومت ڪندڙ ججن انصاف نه ڪيو. هن چيو ته اڄ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ سميت هر ڪو مڃي ٿو ته انهن آئين ۽ جمهوريت تي ڌاڙو هڻي عمران خان کي قوم تي مسلط ڪيو، ڇا ان وقت انهن ججن کي ڪجهه نظر نه آيو؟ جڏهن فريال ٽالپر کي اسپتال جي بيڊ تان اٿاري جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ته ان وقت پاڻمرادو نوٽيس ڪٿي هو؟ ان وقت به پاڻمرادو نوٽيس ڪٿي هو جڏهن عمران خان پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۽ بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪري رهيو هو؟ پ پ چيئرمين خبردار ڪيو آهي ته تخت لاهور جي ويڙهه سڄي ملڪ کي ٻوڙي سگهي ٿي. هن چيو ته مون نظام کي هلائڻ ۽ ان اميد تي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪيس ۽ نه ئي قائد عوام جي عدالتي قتل ڪيس تي انصاف نه ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به سخت لفظ استعمال نه ڪيا آهن ته شايد هو پاڻ سوچين. پر هاڻي مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اسان شريف بڻجي سياست ڪنداسين ته اسان جون ايندڙ ٽي نسلون قائد عوام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ انصاف جو مطالبو ڪنديون رهنديون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري ۽ نظرياتي پارٽي آهي ۽ منشور جي سياست ڪندي آهي. پر اسان هاڻي پردو نه رکنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪجهه ماڻهو ضد تي لٿا آهن ته انهن کي سياست کيڏڻي آهي ته مان تيار آهيان. اسان ڄاڻون ٿا ته سياست ڪيئن ٿيندي آهي ۽ هر غير جمهوري حملي جو جواب ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته پاڪستان کي ون يونٽ بڻائڻ، ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ صوبن جا حق کسڻ جو پلان اسان تي سليڪٽيڊ جي نالي تي مسلط ڪيو ويو، اڄ به ان ئي نظريي جا پيروڪار هر اداري ۾ موجود آهن. جڏهن ته اسان نيوٽرل نيوٽرل کيڏي رهيا هئاسين، هو پنهنجي خان لاءِ سازش ڪري رهيو هو. هن واضح ڪيو ته اسان پاڪستان جي عوام آڏو ان ٽولي جي سازش کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پ پ چيئرمين سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوامي مينڊيٽ جي تحت پنهنجون ذميواريون نڀائي ۽ ڪم جاري رکي. هن چيو ته هو پاڻ تخت لاهور تي ويهي غير جمهوري قوتن ۽ ڪٺ پتلين کي جواب ڏيندو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

اپريل 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو