سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرآئيني قرارڏئي ڇڏيو، 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جوڏهاڙو آهي، اڄ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، شهيد ڀٽو خاندان ۽  پوري قوم اچوڪي ڏينهن تي عظيم قائد جي عدالتي قتل تي انصاف جي انتظار ۾ آهي.  صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ سوال ڪيو ته ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قصور اهو هو ته هن ملڪ ۾ ايٽمي پروگرام جو بنياد وڌو؟ ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اها غلطي هئي جو هن ملڪ کي متحد آئين ڏنو؟ ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو قصور هيو ته هن  93 هزار جنگي قيدين کي ڀارت جيجيلن مان باعزت طريقي سان واپس گهرايو. ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قصور اهو هو ته هن ملڪ جو 5 هزار چورس ميل دشمن پاران ڪيل قبضو ڇڏرايو؟  صوبائي وزير چيو ته  آخر عدليه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ريفرنس  جي ٻڌڻي ڇو نه ٿي ڪري ؟  ڇا عدليه وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ وقت ناهي، ڇا شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس  ٻڌڻي جي قابل ناهي ؟ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالت جي هر فيصلي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي اسان جي عدليه کي گذارش ڪريون ٿا ته قوم جي عظيم ليڊر کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ سفارتي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ٽٽل ملڪ کي اڀاريو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ عهد ڪريون ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ. پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

اپريل 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو