سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرآئيني قرارڏئي ڇڏيو، 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جو  8 آڪٽوبر تي عام چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب ۾ 14 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽه رڪني بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن 8 آڪٽوبرتي ڪرائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال قرآن جي آيت سان ابتدائي فيصلو ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي، فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 8 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائڻ واري 22 مارچ جي حڪمنامي کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ٿو، صدر مملڪت طرفان ڏنل اليڪشن جي تاريخ کي بحال ڪيو وڃي ٿو، آئين ۽ قانون چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏي، اليڪشن ڪميشن 22 مارچ تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو، ان وقت چونڊ عمل پنجين مرحلي تي هو، اليڪشن ڪميشن جي آرڊر سبب 13 ڏينهن ضايع ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن غير آئيني فيصلو ڪيو. سُپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي اٺ آڪٽوبر جي تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل تي ٿيندي،  17 اپريل تي اليڪشن ٽربيونل اپيلن تي فيصلو ڪندو، پنجاب ۾ اميدوارن جي حتمي فهرست 18 اپريل تي شايع ڪئي ويندي، چونڊ نشان 20 اپريل تائين الاٽ ڪيا ويندا. فيصلي موجب پنجاب جي ملتوي ڪيل اليڪشن جي اڳ ۾ جاري ٿيل شيڊول تي عمل ٿيندو، جڏهن ته خيبر پختونخوا بابت صورتحال ڏسي مناسب فورم تي فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون شفاف،اڻ ڌري ۽ قانون پٽاندڙ ڪرايون وڃن. اعليٰ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ وفاقي حڪومت کي ڏهين اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي  21  ارب رپيا جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي،  جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊن جي صورتحال بابت رپورٽ 11 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن فنڊ جي رپورٽ بئنچ جي ميمبرن کي چيمبر ۾ جمع ڪرائي، فنڊ نه ملڻ جي صورت ۾ سُپريم ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي. فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي پلان ڏئي، پنجاب جي نگران سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي اليڪشن جو سڪيورٽي پلان ڏهين اپريل تائين  اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻ جي تاڪيد ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ماتحت سڪيورٽي ادارن فوج، رينجرز، ايف سي ۽ ٻي فورس بابت سڪيورٽي پلان 17 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اِهو پڻ قرار ڏنو ته وفاقي سرڪار ۽ پنجاب جي نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ته اليڪشن ڪميشن اِن بابت به سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري. سُپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عدالت پهرين مارچ تي ٽي ٻه جي تناسب سان فيصلو ڏنو، سُپريم ڪورٽ جو ڌيان ٻن اقليتي نوٽيسز تي ڏياريوويو، ججن جي نوٽ ۾ چار ٽي جي تناسب وارو معاملو قانون جي خلاف آهي، جسٽس فائز عيسيٰ ۽ امين الدين جي فيصلن جي قانوني حيثيت ناهي. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ گورنر طرفان عدالت ۾ نمائندگي ناهي ڪئي وئي، ڪي پي جي حد تائين معاملو ٻڌڻي هيٺ رهندو، ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو ويندو، چونڊن لاءِ درخواست گذار عدالت سان رابطو ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي چونڊن ۾ دير واري ڪيس جو فيصلو ڇهن ٻڌڻين کانپوءِ گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هو. اڄ دفاع واري وزارت طرفان هڪ رپورٽ سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چونڊن لاءِ فوج جي غير موجودگي جاسبب ڄاڻايا ويا هئا.

اپريل 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو