ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي: شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته شهيد ڀٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. ٻئي پاسي وفاقي ڪابينا سُپريم ڪورٽ جو چونڊن بابت فيصلو رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي ڪابينا سُپريم ڪورٽ جو اليڪشن بابت ڏنل فيصلو رد ڪندي چيو ته اعليٰ عدالت جو فيصلو اقليتي فيصلو آهي تنهنڪري ڪابينا ان کي رد ڪري ٿي، سُپريم ڪورٽ جو فيصلو قابل عمل نه آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سُپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ايوان ۾ آواز اُٿاريو ويندو، اتحادي جماعتون ايوان ۾ اعليٰ عدالت جي فيصلي تي تبصرون ڪنديون جڏهن ته حڪومت به پنهنجو موقف ايوان ۾ ئي پيش ڪندي. ياد رهي ته سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن جو اٺ آڪٽوبر تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اپريل 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو