مُلڪ ۾ چونڊون ٿيڻ کپن پر موجودا صورتحال ۾ اليڪشن ممڪن نه آهي: شهباز شريف

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مُلڪ ۾ چونڊون ٿيڻ کپن پر موجودا صورتحال ۾ اليڪشن ممڪن نه آهي. لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اعظم نظير تارڙ، ملڪ احمد خان، سردار اياز صادق، عطا الله تارڙ ۽ احد چيما سميت ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سُپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس ۽ سياسي صورتحال تيصلاح مشورو ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي وزير اعظم نظير تارڙ سُپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن بابت ٻڌڻي تي آگاهي ڏني. اجلاس ۾ سُپريم ڪورٽ جي سڀاڻي ٿيندڙ ٻڌڻي بابت آئيني ۽ قانوني رُخن تي غور ويچار ڪيو ويو، فل بئنچ جي استدعا رد ٿيڻ جي صورت ۾  نظرثاني درخواست بابت به قانون رخن تي مشاورت ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون آڪٽوبر کان اڳ ڪرائڻ ڏکيو آهي، چاهيون ٿا ته چونڊون ٿيڻ گهرجن پر موجودا صورتحال ۾ اليڪشن ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مُلڪي معيشت سڌارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي لهر تي جلد ظابطو آڻي وٺنداسين، اسان تعميري سياست تي يقين رکون ٿا، هي وقت شرپسندي جو ناهي، سُپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا پر اختلافي نوٽ سبب مونجهارن جنم ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ فارين فنڊڊ همراهه سي پيڪ کي تڪراري بڻائڻ جو ڏوهه ڪيو، پاڪستان ۽ چين جي عظيم دوستي جي پٺي ۾ ڇرو هنيو ويو، ٻنهي مُلڪن ۾ تجارتي سرگرمين ۾ هر روز واڌ جي اميد آهي، چين جي قيادت ۽ عوام جي پاڪستان لاءِ محبت ۽ سهڪار ناقابل فراموش آهي.

اپريل 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو