سپريم ڪورٽ جي بينچ جو ٽٽڻ ٻڌائي ٿو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي: خواجا آصف
اسلام آباد ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي وزيراعظم کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي. ڇا اهو انصاف آهي؟ ڇا انصاف جا ٻئي ترازو برابر آهن؟ عدليه جي پنهنجي ڪنڊڪٽ ۽ فيصلن سان سڃاڻپ ٿيندي آهي. دفاع واي وزير چيو ته سياست جنهن اسٽيج تي پهچي چڪي آهي سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي ان کان محفوظ رکڻ گهرجي. عدالت سڳوري جو ڪردار تاريخ ساز هوندو. بدقسمتي سان سمورا ادارا انتشار جو شڪار آهن. خواجه آصف چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ کي سياست جي دلدل کان محفوظ رکي. دهشتگردي جو سوال ان کان ڪريو جيڪي ان کي کڻي آيا آهن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي وزيراعظم کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. ڇا اهو انصاف آهي؟ دفاع واري وزير چيو ته آئين چوي ٿو ته پٽڙي برابر ڪريو. ڇا اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس کوسه پلڙا برابر رکيا هئا؟ سپريم ڪورٽ اندر اتحاد جو مظاهرو نه پيو ٿئي ته سياسي پارٽين کي ڪيئن اتحاد جو چونداسين؟ هن چيو ته سياست سياستدانن تائين رهڻ ڏيو، جن ادارن جي هٿ ۾ ترازو آهي اتي سياست داخل نه ٿيڻ ڏيو. سياست کي اهڙن ادارن ۾ نه کڻي وڃو جن جو ڪم انصاف آهي. ڳالهين جي باري ۾ خبر ناهي پر ڪميٽي جي سرڪاري حيثيت ناهي.
مارچ 31, 2023