جيل ڀريو تحريڪ جو نعرو هڻندڙ چئي رهيو آهي مون کي جيل کان بچايو: ناصر شاهه

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر شاهه عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جو چوندڙ اڄ چئي رهيو آهي ته مون کي جيل کان بچايو. ناظم آباد ڪراچي ۾ رمضان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي تقريبکي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن کان ڀڄڻ نٿي چاهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملير ۽ ملتان ۾ به عمران خان کي شڪست ڏني. لياري ۾ پي ٽي آءِ اميدوار کي مڪاني چونڊن دوران شڪست ملي. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان بلٽ پروف برقعو ايجاد ڪيو آهي. اڄ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو اڳواڻ جيل ڀريو تحريڪ جو چئي رهيو هو اڄ ڪارڪنن کي چئي رهيو آهي ته مون کي جيل کان بچايو.

مارچ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو