عمران خان عدالتن جي آڏو پيش نه ٿيڻ واري هوڏ تي قائم آهي: خواجا آصف
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجا آصف پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو آھي ته عمران خان ۽ سندس وڪيل عدالتن جي توهين ڪري رهيا آهن، عمران خان عدالتن جي آڏو پيش نه ٿيڻ واري هوڏ تي قائم آهي. خواجا آصف چيو ته عمران خان جي دور ۾ نون ليگ جي سموري قيادت کي گرفتار ڪيو ويو، اسان ڪڏهن به عمران خان جيان عزت ۽ وقار تان هٿ نه کنيو. عمران خان روز بحران پيدا ڪري رهيو آهي، اسان انهن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عمران خان جي حڪومت جمهوري انداز ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي ڪيرائي وئي.اسان ڪڏهن به عمران خان جيان عزت ۽ وقار تان هٿ نه کنيو. عمران خان روز بحران پيدا ڪري رهيو آهي، اسان انهن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عمران خان جي حڪومت جمهوري انداز ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي ڪيرائي وئي.
مارچ 25, 2023