سنڌ ۾ ضمني چونڊ شيڊول رد، عدالت وينداسين: بلاول

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جو شيدول رد ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کي چوان ٿو ته شيڊيول فوري طور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ”ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز“ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ۾پهريون ڀيرو پ پ حيدرآباد ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ پ پ سڀ کان وڏي جماعت طور اڀري، الزام لڳندا هئا ته پ پ مڪاني چونڊون نٿي چاهي پر پ پ محنت ڪري چونڊ کٽي. هن چيو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالو ميئر هوندو ته قيامت اچي ويندي؟ هاڻ انهن کان هضم نه پيو ٿئي ته ڪراچي جو ميئر پ پ جو هجي، حيران آهيان ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿي چڪيون آهن پر عوام نمائندن کان محروم آهيون، ڄاڻي واڻي نمائندن کان محروم ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان انسانيت جي بنياد تي علاج ڪندا آهيون، اين آءِ سي وي ڊي هر صوبي ۾ سڄي قوم لاءِ ماڊل بڻجڻ گهرجي، صحت ۾ انقلاب مفت علاج آهي ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو تسلسل رڪجڻ وارو ناهي، اين آءِ سي وي ڊي يورپ ۽ ڀارت جي ڪنهن اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي بيمارين جي اسپتال ”ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز“ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت دنيا جي سڀ کان وڏي ڪارڊيڪ اسپتال تعمير ڪرڻ وڃي رهي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز اسپتال 1200 بسترن تي مشتمل هوندي، 23 ارب روپيا لاڳت ايندي پنجن سالن ۾ مڪمل ٿيندي ، رقم سنڌ حڪومت ادا ڪندي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز، سي ايم سنڌ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو،سنڌ حڪومت عوام جي سهولت لاءِ لانڍي ضلعي ڪورنگي ۾ دل جي بيمارين جي اسپتال ٺاهي رهي آهي، اين آءِ سي وي ڊي دل جي بيمارين جي علاج ۾ قابل تحسين ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، 1200 بسترن تي مشتمل دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال قائم ڪرڻ سنڌ جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي آهي شهر ۽ ان جي آس پاس جي آبادي کي بين الاقوامي معيار جي دل جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ ”ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز“ جو نالو رکيو ويو ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪارڊيڪ سينٽر بڻجي ويندو هي اسپتال ڪراچي ۽ سڄي ملڪ جي 20 لک ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جديد ترين اسپتال 7 عمارتن تي مشتمل هوندي ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز اسپتال جي ڪل ايراضي 55 ايڪڙ ٿيندي، دل جي بيمارين لاءِ جديد طبي ٽيڪنالاجي سان ليس طبي سهولتون فراهم ڪنداسين اسپتال ۾ 16 وڏا ۽ ننڍا آپريٽنگ ڪمرا ۽ 18 ڪارڊيڪ ڪيٿ ليبارٽريون هونديون 2 ايم آر آئي ليبز، 4 سي ٽي ليبز، ۽ تصويرن جي طريقيڪار جو هڪ سلسلو شامل آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي طبي سهولتن سان گڏ جانورن جي بيمارين تي به تحقيق ڪئي ويندي، پاڪستان پيپلز پارٽي صحت جي خدمتن تي يقين رکي ٿي، منهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏنو، مان شهيد محترمه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي لفظن کي پنهنجي رهنمائي سمجهان ٿو سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏنو آهي، مون کي خوشي آهي ته اسان جي محنت جا شاندار نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، انفراسٽرڪچر جي ترقي سان گڏ اسان جو اصل مقصد انسان جي ترقي آهي، سنڌ حڪومت عوام لاءِ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪارڊ سينٽرز جو قيام، عورتن ۽ ٻارن جي اسپتالن جي توسيع، اسپتالن ۽ ٽراما سينٽرن جي اپ گريڊيشن سان گڏ؛ ايمبولينس ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي شامل آهي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ سيٽلائيٽ يونٽ قائم ڪيا آهن ته جيئن صوبي جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن کي دل جي بيمارين جون سهولتون ميسر ٿين، هاڻي ڪنهن به مريض کي مالي مجبورين سبب دل جي بيمارين جي علاج کان محروم نه رهڻو پوندو اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي بيمارين جي تشخيص ۽ علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن،اين آءِ سي وي ڊي ۾ ماڻهن جو بلڪل مفت علاج ڪيو پيو وڃي، اين آءِ سي وي ڊي سان سنڌ حڪومت جو تعاون جاري رهندو، SIUT 380 مشينن سان گڏ سڀ کان وڏو ڊائلسز سينٽر آهي، ايس آءِ يو ٽي روزانو 1350 سيشن ڪري ٿي، SIUT سڀ کان وڏو ٽرانسپلانٽ سينٽر آهي، SIUT ۾ 6844 گردن جا ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، سڄي عمر فالو اپ، عطيو ڏيندڙ ۽ وصول ڪندڙ ٻنهي کي دوائون فراهم ڪيون ويون، وڏي تعداد ۾ پٿري جي مرض جي علاج لاءِ 5 ليٿوٽريپٽرن سان گڏ واحد مرڪز آهي،ٻه ريڊيوٿراپي مشينون ۽ PET-CT جون سهولتون آهن، گذريل 5 سالن دوران 15 ملين ماڻهن مختلف خدمتن مان فائدو ورتو، صحت جون سهولتون هر انسان جو حق آهي، سنڌ ۾ ذات پات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي تفريق کان سواءِ عزت سان علاج ڪيو ويندو ،ايس آءِ يو ٽي 24 ڪلاڪ 365 ڏينهن کليل رهندي آهي، ڪو به داخل ٿي سگهي ٿو

مارچ 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو