پرڏيهي وزير پاران سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي آجيان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي ۾ چين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪرڻو پوندو، اسلامي ملڪ جدا ۽ آزاد فلسطيني رياست جو مطالبو ڪن ٿا، ڀارت والاريل ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قابض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موريطانيه ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي 49 هين اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته دنيا کي سيڪيورٽي سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن، فلسطين مسئلي جو حل او آءِ سي جو گڏيل هدف آهي، اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو، والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جو آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
مارچ 17, 2023