هڪ ليڊر ملڪ جي تباهي جي ڪڍ لڳو آهي، صبر جو مظاهرو پيا ڪيون: شهباز شريف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ڏکين حالتن ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ سڀني کي ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ به سڀني ڏکين حالتن ۾ گڏ ويهي مسئلن جو حل ڪڍيو، ماضي ۾ سخت اختلافن باوجود قوم گڏ ٿي آهي. سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان خاص سيشن کي خطاب ڪدني وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سينيٽچيئرمين کي خاص اجلاس گهرائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته اڄ مختلف ملڪن جا سفارتڪار سينيٽ آيا آهن. هن چيو ته سينيٽ پهريون ڀيرو 73ع ۾ چئني صوبن کي برابر حق ڏيڻ جو تاريخي ڪم ڪيو، آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن تاريخي ڪم ڪيو، سينيٽ قانون سازي يا ٻين شعبن تي محنت ۽ سنجيدگي سان ذميواري ادا ڪئي. سندس چوڻ هو ته 11 مهينن کان ڏکيائين مان گذري رهيا آهيون، اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، جن جو ذڪر نٿو ڪري سگهان، اهي ئي قومون جيئريون رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ محنت ڪنديون آهن، معاشي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، جيڪڏهن سياسي استحڪام نه هوندو ته معاشي استحڪام هڪ خواب آهي. وزيراعظم چيو ته سڀ وزير ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان آءِ ايم ايف جا ڪيترائي سخت شرط پورا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف اسان کي سياسي عدم استحڪام ٺيڪ ڪرڻ جو ته ناهي چيو پر اهي انڌا ناهن سڀ ڏسي رهيا آهن. شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ ليڊر ملڪ جي تباهي جي ڪڍ لڳو آهي پر ان کي اجازت نه ڏينداسين، چيو پيو وڃي ته گرفتار ڇو نٿو ٿئي، احتياط نٿو ڇڏي سگهجي، ائين نه ته رياست جو مفاد داءَ تي لڳي وڃي، معاملا بگڙڻ کان روڪڻ لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿي ويندو، اسان کي گڏجي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلا ڪرڻا آهن، سياسي اختلاف ڇڏي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا، هاڻ به وقت آهي ته هوش کان ڪم وٺون، اسان سڀني کي مٿو ٻڌي ويهي پوندو ۽ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا.
مارچ 17, 2023