ڪراچي ۾ نفسياتي ۽ ذهني مريضن جي سهولتن جي گهڻي ضرورت آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وَسندي وارن پاران بيمار مريضن خاص ڪري غريبن ۽ لاچار ماڻهن کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ سٺو سنوڻ آهي. آمريڪا ۾ قائم هڪ اداري ”دي چلڊرن آف ايڊمن“ ڪراچي ۾ نيورو سائيڪائٽرڪ اسپتال قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد صوبي ۽ ملڪ جي عوام کي صحت جون سٺيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏاپ ۾ اين جي او چلڊرن آف ايڊم (COA) پاران قائم ڪيل پنهنجي پهرين نيورو سائيڪائٽرڪ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ هر عمر جي ذهني مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نوجوانن جي نفسيات، بالغ ۽ جيرياٽرڪ ڪيئر، نشو ۽ الڪوحل وغيره شامل آهن. ان موقعي تي صوبائي وزيرن ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، ايم اين اي حڪيم بلوچ، ايم پي ايز، وڏي وزير جا خاص مددگار، سول سوسائٽي جا ميمبر، COA جي آفيسرن ۾ مفتي محمد فرحان، ڊاڪٽر سيد طارق ابراهيم، سيد وسيم قادري، شهزاد صدان شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان خاص ڪري ڪراچي ۾ نفسياتي ۽ ذهني مريضن جي سهولتن جي گهڻي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ تربيت يافته ماهرن ۽ صلاحڪارن جي کوٽ پڻ آهي. پنهنجي حڪومت پاران ذهني بيمارين لاءِ کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت بابت جاڳرتا ۽ سندس خدمت هڪ وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 15 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن پر ذهني مرض ۾ مبتلا فقط ڪجهه سيڪڙو ماڻهو ئي مناسب علاج حاصل ڪري سگهندا آهن. مراد شاهه چيو ته سندس حڪومت صحت جي سهولتن ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن دوران 701 بسترن تي مشتمل 31 نيون اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ موجوده 108 اسپتالن ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر لاءِ 771 بسترن سان گڏ ضلعي/ تعلقي سطح جي اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ويو. هن فخر سان چيو ته سندس حڪومت 23-2022 جي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ 23.334 ارب رپيا رکيا آهن. وڏي وزير چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جو يونٽ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو جلد افتتاح ڪيو ويندو. هن چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ 700 کان وڌيڪ مفت ليور ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪري چڪو آهي جيڪو پاڻ هڪ رڪارڊ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ 2013ع متعارف ڪرايو ويو ۽ ان مطابق 2017ع ۾ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي (SMHA) قائم ڪئي وئي. اٿارٽي کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ذهني صحت جي واڌاري، معيار ۽ ذهني مرضن جي روڪٿام سان لاڳاپيل سمورن معاملن کي حل ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت لاءِ قانون سازي ۽ اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ سنڌ سڀ کان اڳڀرو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته سرڪاواسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪيٽري (SCJIP) حيدرآباد کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي شهزاد صدان چيو ته هن سهولت جو مقصد بائيپولر ڊس آرڊرز، آٽسٽڪ ڊس آرڊرز/ايم آر/پروسيسيو ڊولپمينٽ ڊس آرڊرز، شيزوفرينڪ ڊس آرڊرز، اينزيٽي، ڊپريشن، اليڪٽرڪونولسيو ٿراپي ۽ بحالي لاءِ خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. CoA ادارو ڪراچي ۾ 4 ارب روپين جي لاڳت سان ملڪ جي هڪ بهترين دماغي/نفسياتي صحت جي تحقيقاتي اسپتال قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اسپتال اندر دوائن، ذهني علاج ۽ ٻارن جي نفسيات تي ڌيان ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويندو. سينٽر ۾ دماغي اميجنگ ٿيندي جيڪا دماغ جي ڪيمسٽري، ساخت، ڪم ۽ ذهني بيمارين ۾ رويي کي جانچڻ لاءِ وقف هوندي. سينٽر ۾ ميگنيٽڪ سيزر ٿراپي (MST)، اليڪٽروڪونوولسيو ٿراپي (ECT) ۽ ريپيٽيٽيو ٽرانسڪرانيئول ميگنيٽڪ اسٽيموليشن (RTMS) استعمال ڪندي محرڪن جو علاج ڪيو ويندو جنهن سان ڊپريشن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ اميد پڻ پيدا ٿيندي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته CoA پنهنجي مريضن کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 150 بسترن تي مشتمل هڪ جامع آئوٽ پيشنٽ اسپتال قائم ڪري رهيو آهي. وڏي وزير اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي شروعات تختي جي پڌرائي ۽ ٻوٽو لڳائي ڪئي.
مارچ 15, 2023