پوليس پاران عمران خان جي گرفتاري جي ڪوشش، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پٿراءُ، ڀڃ ڊاهه، پيٽرول بم جو استعمال

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري سان گڏ زمان پارڪ پهچي وئي آهي. پوليس جون بڪتربند گاڏيون به زمان پارڪ پهچي ويون آهن. پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان به زمان پارڪ پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، وڏي انگ ۾ ڪارڪن زمان پارڪ ٻاهران موجود آهن. ڊي آءِ جي آپريشن اسلام آباد شهزاد بخاري به عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ پهچي ويو آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي قيادت ڪري رهيو آهي. اسلام آباد پوليس سان گڏ لاهور پوليس جي وڏي نفري به عمران خان جي گهر ٻاهران موجود آهي. پوليس زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي هٿ ۾ نوٽيس جي ڪاپي وارو پلي ڪارڊ به کڻي رکيو آهي. پوليس ذريعن موجب شهر جي سمورن ٿاڻن مان نفري گڏ ڪئي پئي وڃي. اينٽي رائٽ يونٽ کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل به ڏنا ويا آهن. هڪ هزار کان وڌيڪ نفري کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڊي آءِ جي آپريشن اسلام آباد شهزاد بخاري چيو آهي ته اسان وٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جا وارنٽ موجود آهن جنهن جي تعميل لاءِ زمان پارڪ پهتا آهيون. هڪ صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان عمران خان کي گرفتار ڪري ڪيڏانهن کڻي ويندو؟ جنهن تي هن چيو ته پهريان گرفتاري ٿي وڃي پوءِ ٻڌائينداسين ته ڪيڏانهن کڻي وينداسين.ٻئي پاسي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي گرفتار يا قتل ڪيو وڃي ته عوام پنهنجي جدوجهد جاري رکي. پنهنجي اهم پيغام ۾ عمران خان چيو ته پوليس مون کي پڪڙڻ ۽ جيل موڪلڻ لاءِ آئي آهي، انهن جو خيال آ ته عمران خان جيل ويو ته قوم سمهي پوندي، توهان انهن کي غلط ثابت ڪيو، توهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته توهان زندهه قوم آهيو. هن چيو ته توهان کي پنهنجي حقن ۽ حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ ٻاهر نڪرڻو آهي، مان توهان جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، مون کي جيل موڪليو ويو يا ماريو ويو ته توهان کي ثابت ڪرڻو آهي عمران خان جي بنا به هيءَ قوم جدوجهد ڪندي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي سڄي حياتي جنگ وڙهي ۽ وڙهندو رهندس، چورن جي بدترين غلامي ۽ هڪ شخص جيڪو ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين،

مارچ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو