سي ٽي ڊي سنڌ، حساس ادارن جي گڏيل ڪارروائي ۾ ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2  گرفتار

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي حساس ادارن سان گڏ  مائي ڳاڙهي منگھو پير ۾ ڪامياب ڪارروائي، تحريڪ طالبان پاڪستان جا 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 کي گرفتار ڪري ورتا، دهشتگردن وٽان هڪ آپگهاتي جيڪٽ، 3 پستول، 2 موٽرسائيڪلون ۽ 80 رائونڊ هٿ ڪيا ويا، سي ٽي ڊِي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي، گرفتار دهشتگردن کان جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف جو امڪان آهن . ان حوالي سان سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ ۽ انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي تفصيل ڏيندي ٻڌايو  ته 17 فيبروري 2023ع تي شام تقريبن 7 وڳي ڪراچي ۾ 3  هٿياربندن ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪيو. پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بروقت حرڪت ۾ آيا ۽ ان کان پهرين جو ڪو وڏو جاني نقصان ٿئي ها 2 آپگهاتي بمبارن کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. جڏهن ته هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 20 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا. صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ان آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ سي ٽي ڊي ۽ وفاقي حساس ادارن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٻڌل هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي. جنهن هن نيٽ ورڪ کي ڪاميابي سان ٽريس  ڪيو، جنهن بابت ڄاڻ ملي ته دهشتگردن جو هي نيٽ ورڪ ڪراچي ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ لڪيل آهي ۽  ڪي پي او تي آپگهاتي حملن ۾  مدد، منصوبابندي ۽ ريڪي ان ئي نيٽورڪ ڪئي ھئي. هن چيو ته سي ٽي ڊي ۽ ٻين حساس ادارن انهن جوابدارن خلاف جاسوسي جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو ۽ گذريل رات اطلاع مليو ته ان نيٽ ورڪ جا وڌيڪ دهشتگرد حب جي ڪچي رستن ذريعي ڪراچي ۾ داخل ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل رات 3 وڳي حب جي ڪچي رستن تان 4 دهشتگرد 2 موٽرسائيڪلن تي داخل ٿيا. جن کي منگھو پير ٿاڻي تي مقرر سي ٽي ڊي ٽيم مائي ڳاڙهي واري علائقي  ۾  کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي دهشتگردن سي ٽي ڊي ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني. هن چيو ته جيئن ته سي ٽي ڊي ٽيم الرٽ ۽ محفوظ هئي. جنهن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد موقعي تي ئي سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ٻين دهشتگردن ڪجهه دير مقابلي بعد گرفتاري ڏني. هن چيو ته ان ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته گرفتار دهشتگردن وٽ خودڪش جيڪٽن جي موجودگي سبب بي ڊي ايس جي ٽيم پوليس سان گڏ آپگهاتي جيڪٽن کي ناڪاره بڻايو. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ آرياد الله عرف حسن ۽ وحيد الله عرف خالد عرف حذيفه طور ٿي آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪي پي او حملي جا ماسٽر مائينڊ آرياد الله عرف حسن ۽ وحيد الله عرف خالد عرف حذيفه هئا. جڏهن ته گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالعزيز عرف محمد علي ۽ ٻئي جي مهراڻ عرف مهربان طور ٿي آهي. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي جي علائقي احسن آباد جا رهواسي آهن ۽ گرفتار ٿيل دهشتگردن مان هڪ گلشن حديد فيز 2 جو رهواسي آهي. جڏهن ته ٻيو گرفتار دهشتگرد شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي آهي. هن چيو ته اهي بلوچستان ۾ روپوش هئا. هن چيو ته دهشتگردن انڪشاف ڪيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۽ سندن تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي. هن چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي آپگهاتي بمبار ڪفايت الله ۽ گرفتار جوابدار عبدالعزيز حملي کان هڪ ڏينهن اڳ حب جي هڪ شو روم مان 10 لک روپين ۾ خريد ڪئي هئي. هن چيو ته ڪار خريد ڪرڻ لاءِ رقم آرياد الله ۽ عبدالوحيد عرف خالد عرف حذيفه فراهم ڪئي هئي. صوبائي وزير چيو ته هڪ هفتو اڳ آپگهاتي بمبار بس ذريعي ڪراچي آيا هئا ۽ مارجي ويل دهشتگرد احسن آباد ۾ عبدالوحيد عرف خالد عرف حذيفه جي گهر ۾ روپوش هئا. جڏهن ته آپگهاتي حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار، جيڪٽ ۽ ٻيا هٿيار ڪي پي کي  جي علائقي ٽانڪ مان ٽرڪ ذريعي پهچايا ويا. صوبائي وزير چيو ته گرفتار دهشتگردن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جاچ دوران وڌيڪ انڪشافن جو امڪان آهي. صوبائي وزير چيو ته دهشتگردن وٽان هڪ خودڪش جيڪٽ، 3 پستول، 2 موٽرسائيڪلون ۽ 80 گولين جا رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن.ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي سي ٽي ڊي، حساس ادارن جو گڏيل ڪامياب آپريشن آهي، هي پهريون ڪامياب آپريشن ناهي، سي ٽي ڊي سنڌ، سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ سمورا وڏا ڪيس حل ڪيا آهن. دهشتگردن کي ڪراچي ۾ حملو ڪرڻ کان اڳ ئي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جا ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اسان کي سي ٽي ڊي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي اڍائي ڪروڙ آبادي وارو شهر آهي ۽ مني پاڪستان آهي جتي بندرگاهه هجڻ ڪري پوري پاڪستان مان هزارين ٽرڪون اچن ٿيون هر ٽرڪ کي چيڪ ڪرڻ ممڪن ناهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته دهشتگردي جي ڪابہ اسپيسفڪ ٽارگيٽ جي ٿريٽ ناهي ملندي ، اهي ٿريٽس جرنل هونديون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اسڪينر لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن چيو ته ٻين صوبن جي بہ ذميواري آهي ته هو پنهنجي سرحدن تي چيڪنگ کي موثر بڻائين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن لاءِ 100 سيڪڙو فنڊ رکيا هئا. پر رين ايمرجنسي سبب انهي فنڊ ۾  50 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي. ان باوجود  به سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي منصوبي لاءِ اربين رپيا بجيٽ ۾ موجود آهن ، جنهن تي ڪم جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄو ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. سڀ ادارا هڪ ئي پيج تي آهن.

مارچ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو