2018 جي چونڊن ۾ ٿيندڙ واردات کي ريورس ڪرڻ جي ضرورت آهي: خواجا آصف

Spread the love

سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته 2018 جي عام چونڊن جي سزا اڄ قوم کي ملي رهي آهي، ان ۾ جيڪي ڪردار هئا، اهي سامهون اچي چڪا آهن. سيالڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار سان خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته 2018 ۾ ٿيندڙ واردات کي ريورس ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ سنجيده حالتن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، جيڪا ڀوائتي راند هن ملڪ سان کيڏي وئي، ان هڪ نسل جي اخلاقي روايت کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيڪو ڪجهه چئن سالن ۾ ٿيو، اهو 75 سالن جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي، گذريل چئن سالن ۾ معاشي تباهي ڪئي وئي، هن ملڪ ۾ گذريل چئن سالن ۾ زوال تيزيءَ سان آيو، مالي ڏکيائين مان جلد نڪري اينداسين. سندس موجب قائداعظم تي ماڻهن جو اعتماد هو، ڇو ته هو سچو ليڊر هو، هاڻ حالتون اهي آهن جو ليڊرن ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي تميز ختم ٿي چڪي آهي.

مارچ 12, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو