عمران خان کي شاھ محمود قريشي مان خطرو آھي، ڪراچي پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن ٻئي کان نه پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه محمود قريشي مان خطرو آهي، عمران خان کي شاهه محمود قريشي تي نظر رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته هنن ڪراچي ۾ پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو. عمران خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ هڪ رات به نه سمهيو، کيس جادو ٽوڻا ڪندڙن پاران گهر کان سواءِ ڪٿي به سمهڻ کان روڪيو ويو ھو . هن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي بُري طرح شڪست ڏني ۽ مستقبل ۾ به کين شڪست ڏيندا رهندا سين، پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي مڪاني چونڊون ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان جي جهڙي شڪل آهي اهڙي ئي زبان آهي. پي ٽي آءِ وٽ رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هو لاشن تي سياست ڪئي وڃي، فيصل واوڊا چيو ھو ته پي ٽي آءِ وارا لاش ڳولهي رهيا آهن، هن چيو ته لاهور ۾ فوت ٿي ويل پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي موت واري معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير ۽ آءِ جي پنجاب پريس ڪانفرنس ۾ حقيقتون ٻڌائي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جاڳي رھي آھي ۽ فيلڊ ۾ موجود آهي، جڏهن پي ٽي آءِ وارن وٽ ڪو ڪم ناهي ھوندو ته هو صرف گاريون ڏيڻ شروع ڪندا آهن . پي ٽي آءِ وارا ڪو هڪ منصوبو ٻڌائن جيڪو هنن پورو ڪيو هجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ناجائز طور تي اقتدار ۾ آيو، عمران خان احسان فراموش شخص آهي جن کيس اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو انهن خلاف ھن سازشون شروع ڪيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ملڪ اهو سڀ ڪجهه عمران خان کان ڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، عوام کي هاڻي سچ ڳالهائڻو پوندو،. عمران خان کي ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ملي رهي آهي، ثبوت موجود آهن. عمران خان آءِ ايم ايف کي چوندو رهيو ته پاڪستان کي فنڊ نه ڏئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ اسان جي تاريخي ڪاميابي هئي، مڪاني چونڊن ۾ اسان جي ڪارڪردگي سڀني کي نظر اچي وئي، ڪراچي جي عوام مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي تاريخي شڪست ڏني. هن چيو ته اسان سڀني کي هن سازشي شخص جو مقابلو ڪرڻو آهي، عمران خان ٻاهرين ملڪن جو ھٿيار ۽ سهولتڪار بڻيل آهي، هن شخص مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا سيل قائم ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي گذريل 15 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن. جن ذريعي ملڪ جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي مھم ھلائي رھيو آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ ۾ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي، مهانگائي سبب قيمتون وڌي ويون آھن
مارچ 12, 2023