عدليا پنهنجي صفن کي درست ۽ خود احتسابي جو عمل شروع ڪري: اعظم نذير تارڙ

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) قانون بابت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي صفن کي درست ۽ خود احتسابي جو عمل شروع ڪري.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي ڪابينا نيب قانون ۾ ڪجهه ترميمن جي منظوري ڏني آهي، نيب قانون جي سيڪشن 4 ۽ 5 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، هاڻ عدالتون ئي نيب ڪيسن جو جائزو وٺي انهن کي بند ڪنديون، ڪيس لاڳاپيل جاچ ادارن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته 50 ڪروڙن کان گهٽ، اختيارن جي ناجائز استعمال واريون انڪوائريون هاڻ لاڳاپيل فورم تي وينديون، نيب چيئرمين جاچ پاڻ بند نٿو ڪري سگهي، عدالت ذريعي ئي جاچ بند ٿي سگهي ٿي، احتساب عدالت هاڻ فيصلو ڪندي ته ڪيس بند ٿيڻو آهي يا ٻي عدالت وڃڻو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي چيئرمين کي اختيار ڏنا ويا آهن، اڳ ۾ ڊپٽي چيئرمين قائم مقام طور سمورا اختيار استعمال نه ڪري سگهندو هو، پراسيڪيوٽر جنرل جي چوڻ تي وزيراعظم ترميمن جو ٽاسڪ ڏنو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جنرل (ر) فيض حمد جي ڪورٽ مارشل جي حوالي سان قانون پڙهڻ بنا ڪو بيان نٿو ڏيڻ چاهيان، جنرل فيض حميد خلاف ڪنهن اداري کي خط لکڻ جي حوالي سان علم ناهي، ڏسڻو پوندو ته اداري جي ٻاهران ڪير شڪايت ڪري سگهي ٿو يا نه، جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي حلف جي پاسداري نه ڪئي ۽ اختيار اورانگهيا ته ان کي عبرت جو نشان بڻجڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته عدليا پنهنجي صفن کي درست ڪري ۽ خود احتسابي جو عمل شروع ڪري، مون کي همت ناهي ته نالو کڻان، اڄ عدالت ۾ 15 معزز جج ويٺا آهن، اداري کان سوال آهي ته پنهنجي صفن ۾ ڏسي ته ٻن ٽن ججن تي ئي تنقيد ڇو ٿيندي آهي، باقي تي ناهي ٿيندي.

مارچ 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو