اهڙي بيوقوف کي وزيراعظم بڻايو ويو، جنهن وٽ ڪا سوچ ئي نه ھئي: آصف زرداري
وهاڙي ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته چريو خان اسان کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي جنهن مان ڏاڍو ڏکيو نڪرنداسين. وهاڙي ۾ آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته هڪ بيوقوف کي وزيراعظم بڻايو ويو جنهن مُلڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، کيس ڪا به سمجهه نه هئي، چرئي خان مُلڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان واپس ايڏانهن وڃڻ چاهي ٿو جتان کيس نيڪالي ڏني وئي هئي. هن چيو ته چريو خان اسان کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي جنهن مان ڏاڍو ڏکيو نڪرنداسين، پر نڪرنداسين ضرور. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اڄ عمران خان سياست ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، پر مون به پڪو پهه ڪيو آهي ته مُلڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريندس ۽ هر قيمت تي ڏياريندس. هن چيو ته مُلڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي جهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آمريڪا، جپان ۽ برطانيا جو به ڏيوالو نڪري ويو هو، ان سان ڪو فرق نٿو، لاها چاڙها ايند رهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي عارضي ڏکيائي آهي، اُهو وقت به ايندو جڏهن مُلڪي بهتري جا فيصلا رڳو اسان ڪنداسين، پاڪستان ۾ هر قسم جي سهولت موجود آهي، اسان کي رڳو ان مان لاڀ حاصل ڪرڻو آهي. ماڻهن اهڙي بيوقوف کي وزيراعظم ڪرايو، جنهن وٽ ڪا سوچ ئي ناهي، هو اڄ به سمجهي ٿو ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان جاءِ تي واپس اچڻ گهري ٿو، جتان کيس نيڪالي ڏني وئي هئي. وهاڙي ۾ تقريب کي خطاب دوران آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته فرق نه پوندو، جاپان، آمريڪا ۽ برطانيا به ڏيوالي کي منهن ڏنو آهي. هن چيو ته اسلام آباد جا ڪامورا نٿا سمجهن، وقت ايندو ته رڳو اسان فيصلا ڪنداسين ۽ ملڪ اڳتي وڌندو. آصف زرداري چيو ته هي ملڪ ڪنهن هڪ طبقي جو نه، پر اسان سڀني جو آهي، اسان کي موقعو مليو ته سمورن صوبن جا مسئلا حل ڪنداسين. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته غريب جي دانهن الله ضرور ٻڌندو، الله جي گهر ۾ دير آهي پر انڌير ناهي، اسان کي موقعو مليو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين
مارچ 8, 2023