پي ڊي ايم سان گڏ ھلي رھيا آھيون، پر ان جو حصو ناھيون، عمران خان سان ڳالھيون نھ ٿينديون: آصف زرداري

Spread the love

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ عمران خان جي فطرت آهي، ڪنهن معاملي تي عمران خان کي گرفتار ڪرائڻ گهرو وزير جو اختيار آهي، مردم شماري تي سنڌ کي اعتراض آهي. وهاڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ضلعي وهاڙي جو پهريون دورو آهي، ذاتي لاڳاپا اڳ کان آهن، سياسي لاڳاپن ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، اسان کي حالتن جي خبر هئي ته معيشت ڪيئن آهي پر ملڪ کي بچائڻو هو، عمران خان سڀئي ادارا کپائڻ چاهيا، اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ بچايوسين. هن چيو ته سياسي جماعتن ۽ سياستدانن سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، عمران خان غير سياسي شخص آهي، ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سياست ۾ محنت ڪرڻي پوندي آهي، عمران خان محنت جو عادي ناهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان عدالتن کي منهن ڏيڻ کان ڊڄي ٿو، سياستدان نه عدالتن کان ڊڄڻو آهي ۽ نه جيلن کان، يوٽرن وٺڻ عمران خان جي فطرت آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرو وزير جو اختيار آهي، جڏهن ته مردم شماري بابت هن چيو ته سنڌ کي اعتراض آهي.

مارچ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو