ڊيجيٽل آدمشماري تي خدشا، بلاول وفاق جو ساٿ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ اڪيلو صوبو آهي جنهن کي آدمشماري تي خدشا آهن، وفاقي سرڪار پ پ جي اعتراضن تي ڌيان نه ڏيندي ته سنڌ وفاق جو ساٿ نه ڏيندو. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو  چيوته ڊيجيٽل آدمشماري تي اسان جا اعتراض حل ناهن ڪيا ويا، آدمشماري کي سپورٽ ڪري سگهون ٿا پر جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو ان جي حمايت نه ڪنداسين. هن چيو ته آدمشماري واري معاملي تي وفاق سان ڳالهائيندس، ظابطن جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان آدشماري کي رد ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيوته مُلڪ جو سڀ کانوڏو مسئلو مهانگائي آهي، اصل مسئلا حل ڪرڻا پوندا، مُلڪ تاريخي ڏُکيائين مان گذري رهيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، خطرا نه هجن ته اسان معاشي بحران کي پهرين ترجيح ڏيون. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جو مقابلو معيشت ۽ بيروزگاري سان آهي ڪنهن سليڪٽر سان نه،  افسوس ٿيندو  آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد جو جيڪو واعدو وفاق ڪيو اُهو نه پاڙيو ويو، وفاق کي 4.7 بلين جو واعدو پورو ڪرڻو هو، اِهو معاملو وفاقي ڪابينا ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اُٿاريو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق پنهنجي ترجيح تي سنڌ ۽ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي رکندو ته هاڪاري پيغام ويندو. وفاقي سرڪار متاثرن سان واعدا نه پاڙيا ته ماڻهو اسان کان سوال ڪندا، اهڙي صورتحال ۾ اسان لاءِ وزارت رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو.

مارچ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو