اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته آدمشماري کي رد ڪنداسين: سيد مراد علي شاهه

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو آهي ته اسان جا خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشاري کي رد ڪنداسين. سيڊ سبسڊي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي هدايت تي اسان ٻوڏ سٽيلن جي ڀرپور مدد جو فيصلو ڪيو هو، آبادگارن جي مدد ۾ ڪجهه دير ٿي جنهن تي معذرت ڪيان ٿو، اسان وفاقي حڪومت طرفان رقم ڏيڻ کان معذرت تي پاڻ رقم ادا ڪئي. هن چيو ته ڪڻڪ جو ٻج خريد نه ڪري سگهياسين، تنهنڪري آبادگارن کي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ٻوڏ سبب 4 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ مان 3 ڏهائي 6 ملين ايڪڙ خريف جي فصل کي نقصان رسيو، فصل جي تباهي سنڌ ۾ کاڌ، خوراڪ ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا. هن چيو ته تصديقي آبادگارن جو انگ هڪ لک پنجاسي هزار نوَ سئو اٺاويهه آهي، جن کي پنج هزار في ايڪڙ منتقل ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ 4.277 ارب رُپيا 185928 آبادگارن ۾ ورهايا ويندا، عالمي بئنڪ هارين لاءِ سنڌ سرڪار جي مدد ڪئي. آدمشماري جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڳڻيو وڃي اِهو برداشت نه ڪنداسين، مردشماري بابت ڪجهه خدشا آهن ۽ ڳڻپ کاتي کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان کي آدشماري بابت شين کان آگاهه نه پيو ڪيو وڃي، شمار ٿيندڙ فرد جي ڊيٽا اُن کي صوبائي حڪومت کي فراهم ڪئي وڃي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سڀني کي درخواست آهي ته آدمشماري ۾ حصو وڌي چڙهي حصو وٺو، خاطري ڪرايو ته آدمشماري وارا اوهان جي درست ڊيٽا شامل ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته اسان آدمشماري کي رد ڪنداسين.

مارچ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو