آدمشماري قومي فرض آھي، سنڌ واسي پاڻ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرائين: سيد مراد علي شاهه

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته 2 سالن کان 100 ميگا واٽ بجلي ڏيڻ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهيان، ڪراچي سڄي پاڪستان جو آهي.ڪراچي چيمبر پاران منعقد ڪيل مائي ڪراچي نمائش کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو،سراج تيلي هتي غائب آهي.هنن جو چوڻ آهي ته عدالت فيصلو 4 مهينن لاءِ محفوظ ڪيو آهي، اڄ تاريخ هئي پر جج موڪل تي آهي ان ڪري کيس هتي اچڻ جي اجازت ڏني وئي.مراد علي شاهه چيو ته 1980ع جي افغان جنگ 2010ع تائين هلي، 2014ع ۾ ڪراچي دنيا جو ڇهين خطرناڪ شهر هو، اڄ ڪراچي 125هين خطرناڪ شهر ۾ شامل آهي.هن چيو ته ڪراچي جو امن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اوج تي آهي، اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون، دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان ڪراچي ۾ نمائشون ۽ پي ايس ايل منعقد ڪرايون آهن.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهو به چيو ته ملڪ دشمن اسان جو دشمن آهي، ان جو مقابلو ڪنداسين، حڪومت سڄي ملڪ جي رونق بحال ڪئي آهي، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان چيو آهي ته آدمشماري قومي فرض آهي، سنڌ واسي ٻاهر نڪري پاڻ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرائين. ڪراچي ۾ آدمشماري بابت اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چاهيون ٿا ته ڊجيٽل آدمشماري صاف ۽ شفاف ٿئي، هن ڀيري ڪنهن کي به خدشا نه ٿيڻ کپن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سردار شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪري ڊجيٽ آدمشماري جي حوالي سان وڏي وزير کي آگاهي ڏني. وڏي وزير چيو ته چاهيان ٿو ته هيلوڪي آدمشماري ۾ سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ڳڻيو وڃي، وڏي وزير پاران آدمشماري بابت صوبائي وزيرن کي عوام لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

مارچ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو