ڏيوالي جون خبرون غلط آهن، ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو: اسحاق ڊار

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون خبرونمڪمل طور غلط آهن، وقت تي ٻاهرين ادائيگين باوجود اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جي واڌ ٿي. هن چيو ته پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي سهولتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان ورچوئل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون.

مارچ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو