عمران خان دشمن ملڪن جي سپورٽ سان انتشار پکيڙي رھيو آھي: شرجيل ميمڻ

Spread the love

حيدرآباد (رپورٽر)  صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرنزاٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سب کان وڏو چيلنج مهانگائي آهي نه ئي چونڊن ۽ پاڪستان کي ڏسڻو آهي فقط مهانگائي کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي _ هن چيو ته پي ٽي آئي جي تاريخي نااهلي جي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي _ پي ٽي آئي، آئي ايم ايف سان بنا ڪنهن پلان وعدا ڪيا ۽ ان کان ڦري وئي هتي سندس  يوٽرن ڪم نه آيو _ هو اڄ پنهنجي رهائشگاهه راول هائوس ٽنڊو ڄام حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو _ صوبائي وزير اطلاعات چيو ته ٽن سالن دوران سيڪريٽري فنانس ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر  کي بار بار تبديل ڪيو ويو _ هن چيو ته جيڪڏهن نوان ٽيڪس لاڳو ئي ڪراڻا هئا ته پي ٽي آئي حڪومت ڇو نه لڳايا ڇاڪاڻ ته کين ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته اهي وڃي رهيا آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت جوابدا آهي ۽ جيترو شين کي بهتر ڪري سگهي ٿي ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن کي رليف مهيا ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صوبائي وزير خوراڪ کي ڪڻڪ جي جلد خريداري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي _ ان کان علاوه ٽرانسپورٽ ، ايگريڪلچر سميت سمورن کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ماڻهن کي رليف فراهم ڪن _  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي روز مره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي مقرر ڪيل اگهن کي يقيني بڻائين _ هن چيو ته عمران خان سوچي سمجهي  سازش تحت ملڪ کي انتشار طرف ڌڪي رهيو آهي ۽ هاڻي هو ناڪام ٿي چڪو آهي ته وري هو ڪنهن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ کيس ڀارت ۽ اسرائيل مان عمران خان کي فنڊنگ ملڻ جي ڪجهه وقت اڳ تصديق ٿي چڪي آهي- هن چيو ته  پي ٽي آئي حڪومت کي عدالت ، شرارت يا ملٽري آمرن جي ڪري نه بلڪه  آئين پاڪستان  جي تحت ڪڍيو ويو هن چيو ته عمران خان ڪوڙو بيانيه وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هن دشمن ملڪن جي سپورٽ  سان انتشار پکيڙيو _ هن چيو ته عمران خان جو نعرو هو ته مونکي ڇو نه بچايو _ هن، عدليه ۽ اهم ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي بداخلاقي ڪئي ۽ اڄ هو جنهن اداري کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي انهيءَ جي اها ٽيسٽ ٽيوب بي بي هئي _ صوبائي وزير چيو ته عمران خان هڪ  دفعو قرآن شريف جي آيات پڙهي چئي ڏئي ته ڪهڙي طرح اقتدار ۾ آيو _ هن چيو ته مني لانڊرنگ ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي سزا ٻڌائي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته عمران خان 17 اڪائونٽ به ظاهر ڪرڻ وساري ويٺو جنهن جي رقم جو ڪو به ريڪارڊ ناهي  ۽ جڏهن ايف آئي اي  ڪارروائي ڪئي ته پاڻ اسٽي ورتو جڏهن ته اسان ڪنهن هڪ ڪيس ۾ اسٽي لاءِ نه وياسين ۽ جيڪڏهن هو ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته مان ان کي فرشتو مڃي وٺندس _ هن فارن فنڊنگ ، بي آر ٽي ۾ اسٽي ورتو ۽ 7  ارب رپين جا ڪڪ بيگس ورتا ويا ۽ پشاور هائي ڪورٽ نيب  ۽ ايف آئي اي کي حڪم ڏنو ته عمران خان اسٽي وٺڻ سپريم ڪورٽ هليو ويو جيڪڏهن هو ديانتدار ۽ ايماندار هو ته هن اسٽي ڇو ورتو _هن چيو ته عمران خان کي هر اسڪرپٽ امپورٽيڊ ملي ٿو جيڪو ڪجهه ملڪن  جي ناپاڪ ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو _ هن چيو ته 7 مهينن ۾ رياست مدينه يا تبديلي يا نئين پاڪستان جو نالو توهان ٻڌو هاڻي نئون اسڪرپٽ اچي ويو جو پاڪستان جي خلاف آهي _ هن چيو ته عمران خان کي وڌيڪ رعايت ڏيڻ يا يا لاڏلو بنائڻ سٺو نه ٿيندو _ هن چيو ته آدمشماري صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها آدمشماري جي عمل کي ايترو ته صاف ۽ شفاف بڻائي جو ڪنهن سياسي پارٽي ۽عوام کي ان تي خدشا نه ٿيڻ گهرجن _ هن ٻڌايو ته ٻوڏ ۾ جيڪي فوتگيون ٿيون هيون سنڌ حڪومت طرفان مرحومن جي وارثن کي ڏهه ڏهه لک رپيا ڏنا پيا وڃن جڏهن ته 22 لک ماڻهن کي سنڌ حڪومت گهر بڻائي ڏئي رهي آهي ۽ حڪومت سندن هٿن ۾ پيسا ڏئي رهي آهي ته جيئن اهي پاڻ گهر ٺهرائين _ هن چيو ته اسان  ڪڻڪ 9 هزار رپين ٽن درآمد ڪئي آهي ۽ سنڌ حڪومت ڪو به فائدو نه وٺي رهي آهي بلڪه اربين روپين جي عوام کي رعايت ڏئي رهي آهي.

مارچ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو