“ھڪ ڪلاڪ وٿ اينڪرپرسن” شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾تقريب
نوابشاهه(رپورٽر) ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۾ ميڊيا جي مسلسل ترقي ڪندڙ منظرنامي تي بصيرت رکندڙ هڪ ڳالهه ٻولهه جو سيشن منعقد ڪيو ويو، ذوھيب زرداري نيوز اينڪرنگ جي فن، صحافت جي اخلاقيات صحافت تي پنهنجا تجربا ۽ مهارتي اصولن ۽ ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز بابت ڳالهه ٻولھ ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز مسٽر ڪاشف نوراني پڻ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ اڄوڪي دنيا ۾ ذميوار صحافت جي اهميت بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. ان سيشن جي نگراني شعبي جي نگران دستار علي چانڊيو ڪئي، جنهن هڪ غور طلب بحث کي سهيڙيو تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، جن ۾ ناليواري ڊاڪٽر طحه شبير، مسٽر ياسين موروجو، مسٽر ياسر عباسي، محترمه فوزيه سومرو ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مجموعي طور تي، سيشن سڀني حاضرين لاءِ هڪ بهترين سکيا جو موقعو ثابت ٿيو، جيڪو نيوز ميڊيا ۽ صحافت جي دنيا ۾ قيمتي بصيرت پيش ڪري ٿو.
مارچ 2, 2023