پنڪ بس جي نون روٽن جو افتتاح، حرا ماني ۽ عائشا عمر جي به شرڪت

عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس جي نون روٽن جو افتتاح ٿي ويو.
پنڪ بس سروس جي ٻن نون روٽن ۾ نارٿ چورنگي کان انڊس اسپتال ۽ نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو روٽ شامل ڪيا ويا آهن.
نون روٽن جي افتتاحي تقريب ۾ اداڪارائن عائشا عمر ۽ حرا ماني به شرڪت ڪئي ۽ بس سروس جي آجيان ڪئي.
اداڪارائن بس سروس جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪئي.