لاڏلو ملڪ لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي، منٽن ۾ پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ کان پوءِ فيصلو به اچي ويو: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته لاڏلو ملڪ جي لاءِ خطرو بڻجندو پيو وڃي، منٽن ۾ سوموٽو ورتو ويو، منٽن ۾ فيصلو به اچي ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ٻن کان وڌيڪ ججز چيو ته اهو سوموٽو بڻجي ئي نٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اهي شيون هلي رهيون آهن. منٽن ۾ سوموٽو ورتو ويو، منٽن ۾ فيصلو اچي ويو ان /کان وڏو فيصلو ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو اڃان تائين رهيل آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته لاڏلي جي لاءِ رات جو ٻارنهن، هڪ وڳي تائين عدالتون ڪيستائين کلنديون رهنديون. لاڏلو هاڻ ملڪ جي لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي. لاڏلي انسان ملڪ ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي. چونڊن جي تاريخ جي فيصلي تي 2 نه پر 4 ججز اعتراض واريو آهي. 4 ججز چيو ته اهو سوموٽو بڻجي ئي نٿو. اڪثريتي ججز چيو ته اهو سپريم ڪورٽ جو اختيار ئي نه آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته چونڊون جڏهن ٿينديون ۽ نتيجو ايندو ته عمران خان چونڊن جي نتيجن کي به نه مڃيندو . چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجي پر ڪير اها گارنٽي ڏيندو ته عمران خان چونڊن جا نتيجا مڃيندو. سڀني ڏٺو آهي ته ڪالهه عمران خان ڪهڙي طرح عدالتن ۾ انٽري ڏني هئي. عمران خان هن وقت مولا جٽ بڻيل آهي. اسان به عدالتون ۽ جيل ڀوڳيا آهن پر اهڙي قسم جي رعايت ته اسان کي به نه ملي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غلط روايت قائم ڪري رهيو آهي. عمران خان کي گرفتار ٿيڻ گهرجي.
مارچ 2, 2023