ٽوئيٽر تي لفظي جنگ، عمران خان مرد ٿي ۽ قانون کي منهن ڏي: مريم نواز

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان مرد بڻجي قانون کي منهن ڏي. عمران خان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز عمران خان کي سازشن جو بادشاهه قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته عمران خان رڙيون غلط ناهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي گاڊ فادر فيض ۽ سندس باقيات جي  مدد سان سازشن جو بادشاهه آهي. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان فيض ۽ سندس باقايات جي سازشن تحت تڳي رهيا آهيون، هاڻياوهان ڏسندئو ته ” بگڙيل شهزادي “ اوهان کي ڪيئن مات ڏي ٿي. مريم نواز چيو ته چور ۽ ڌاڙيل وارو موقف ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري توشا خانا ڪيس ۾ چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عدالتن کان بچندو پيو وتي، اهو سندس ڏوهاري هجڻ جو ثبوت آهي، ڄنگهه تي پلاسٽر کيس گهڻو وقت نه بچائيندو، مرد ٿي ۽ قانون کي منهن ڏي. ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز جا سپريم ڪورٽ جي ججز تي حملا شرمناڪ آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز طرفان سپريم ڪورٽ جي ججز تي شرمناڪ حملا باقاعده منصوبه بندي تحت ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته انهن حملن جو هڪڙو ئي مقصد اهو آهي ته هو هاڻ چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهين ٿا پوءِ ان جي لاءِ هنن کي آئين جي ڀڃڪڙي ئي ڇو نه ڪرڻي پئي. پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ کي نشانو بنائڻ سان وفاق کي نقصان پهچندو هي چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي وڃي. عمران خان وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻن اسان کي چئلينج ڪيو هو ته جيڪڏهن چونڊون چاهيو ٿا ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين کي ٽوڙي ڏيکاريو. هنن کي خبر آهي ته هي چونڊون نٿا کٽي سگهن ان جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججز کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي لاءِ تيار آهن ته جيئن چونڊون نه ٿي سگهن.

فيبروري 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو