ڪراچي جي 4 سو کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي: ناصر شاھ
ڪراچي (رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي چار سو کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ 268 روڊ ورلڊ بينڪ (ڪلڪ) جي سهڪار سان ڪي ايم سي جي ذريعي تعمير ڪرايا پيا وڃن، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهو ويزن آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي کي وقت تي يقيني بڻايو وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هن ويزن کي مڪمل ٿيڻ تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي ڪمن جو معائنو ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪلڪ آصف جان صديقي، ميونسپل ڪمشنر سيد شجاعت حسين، ڊي جي ٽيڪنيڪل سروسز ڪي ايم سي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا، دوري جي موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪلڪ ۽ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي صوبائي وزير مڪاني کي تفصيل سان بريفنگ ڏني، صوبائي وزير مڪاني هدايت ڪئي ته روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي ڪمن ۾ معيار کي برقرار رکندي ان طرح مڪمل ڪيو وڃي ته ٿيڻ وارو ڪم مقرر وقت تي مڪمل ٿئي ۽ عوام تائين ان جا فائدا پهچن، هن چيو ته ترقياتي ڪمن جي مڪمل ٿيڻ جي دوران عوام کي جن پريشانين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي ان جو بخوبي اندازو آهي ان لاءِ اسان جي اها ڪوشش آهي ته ٿيڻ وارن ترقياتي ڪمن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، هن چيو ته آفيسرن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته هو ڪمن جي پاڻ به نگراني ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته روڊن کي ٺاهڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي گهٽتائي نه ايندي.
فيبروري 25, 2023