آءِ ايم ايف سان معاهدي باوجود مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: وزيراعظم شھباز شريف
اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا آخري مرحلن ۾ آهن ۽ معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملن جا هڪ ٻه آئٽم رهجي ويا آهن، اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاهدو طئي ٿي ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي، عام ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ هميشه قرباني ڏني آهي، زلزلو هجي يا ٻوڏ قدرتي آفتن ۾ سدائين غريب ماڻهو تي ٻوجهه پيو آهي، پوري ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان کي ڏکيائن مان ڪڍون، مُلڪ کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته اجتمائي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي ماضيءَ مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، سرنديءَ وارا ملڪ جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي نتيجي ۾ عام ماڻهو تي بار پيو ته اُهو سوال اُٿاريندو ته حڪومت ڇا ڪيو؟ اشرافيا جو ٻار بيمار ٿيندو ته اُهو فرانس ۾ علاج ڪرائي سگهي ٿو، غريب جي گهر بيماري ايندي ته سڄي خاندان جو ننڊون حرام ٿي وينديون ته علاج ڪيئن ٿيندو، بينظر انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم اعلان ڪيو ته سمورن وفاقي وزيرن صلاحڪارن ۽ مملڪتي وزيرن رضاڪاراڻي طور پگهارون ۽ مراعاتون نه وٺندا، خاص مددگارن به رضاڪاراڻي طور پهگارون ۽ مراعاتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فيبروري 23, 2023