ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه ڏني ويندي: شرجيل ميمڻ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دنيا جي پهرين جيل ڀريو تحريڪ آهي جنهن جو ليڊر پنهنجي حفاظتي ضمانت سان ان جي شروعات ڪري رهيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايوان صدر آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو مذاق اڏائيندڙن جي خوف جو قيدي آهي. صدر علوي عمران خان جي ڏوهن ۾ سهولتڪار آهي، آئين، قانون ۽ عدالتي نظام کي تماشو بڻائي رکيو آهي. ٻئي پاسي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير مري پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.
فيبروري 22, 2023