سڪيورٽي بابت اهم فيصلا، سنڌ حڪومت جي بنا نمبر پليٽ واري گاڏي مالڪن کي مهلت
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت بنا نمبر پليٽ واري گاڏي مالڪن کي هڪ هفتي جي ملهت ڏني آهي. سڌ سماءَ واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ بنا نمبر پليٽ واري گاڏي مالڪن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي گاڏيون پنهنجي نالي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته اوپن ٽرانسپورٽ ليٽر تي گاڏيون هلائيندڙ مالڪ هڪ هفتي ۾ گاڏيون پنهنجي نالي ڪرائين. هن چيو ته هٿيارن جي نمائش غيرقانوني آهي، هڪ هفتي کانپوءِ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پوليس، رينجرز ۽ فورسز ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي بنا يونيفارم جي هٿيارن جي نمائش جي اجازت ناهي. سڌ سماءَ واري وزير اهو به چيو ته گهر، دڪان ۽ گاڏي ڪرائي تي ڏيندڙن کي اڳ ۾ پنهنجي ٿاڻن تي آگاهي ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته خانگي گاڏين ۾ پوليس جهڙيون لائيٽيون يا ٻيو ڪجهه به نظر آيو ته اهي گاڏيون ضبط ڪيون وينديون جڏهن ته ڪرائي تي هٿيار ڏيندڙ ۽ وٺندڙ جيل ۾ وڌا ويندا. شرجيل ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اٺاويهه فيبروري کان انهن فيصلن تي عمل ڪيو ويندو.
فيبروري 21, 2023